ڪوئيٽا – 16 سيپٽمبر (اي پي پي) بلوچستان جي مڪاني کاتي جو وزير ۽ چيف سردار سرفراز چاڪ?? خان ڊومڪي ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. هو ڪجهه عرصي کان بيمار هو. فيملي ذريعن مطابق سردار سرفراز چاڪ?? خان ڊومڪي 10 ڏينهن کان ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو، هو ڦڦڙن ۽ گڙدن جي بيماري ۾ مبتلا هو. سردار سرفراز چاڪ?? خان ڊومڪي جي ڀاءُ هربيار ڊومڪي جو چوڻ آهي ته سردار سرفراز چاڪر ڊومڪي جو مڙهه ڪراچي کان لهڙي منتقل ڪيو پيو وڃي، سردار سرفراز چاڪر ڊومڪي جي تدفين لهڙي جي اباڻي قبرستان ۾ ٿيندي. سردار سرفراز چاڪر ڊومڪي جو واسطو پيپلزپارٽي سان هو جيڪو پي بي 8 سبي تان ڪامياب ٿيو هو. سردار سرفراز چاڪر ڊومڪي مختلف دور ۾ حڪومت ۽ اپوزيشن جو حصو رهيو آهي ۽ ايس ??ينڊ جي اي ڊي سميت ٻين کاتن جو صوبائي وز??ر رهيو هو. اڳوڻي صوبائي وزير مرحوم سردار چاڪ?? خان ڊومڪي جي 2007 ۾ وفات بعد سردار سرفراز چاڪ?? خان ڊومڪي کي ڊومڪي قبيلي جو سردار چونڊيو ويو هو.