اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف منڪي پاڪس کان بچاءُ جون سموريون احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته عوام کي ان حوالي سان آگاهي فراهم ڪئي وڃي، هوائي اڏن، بندرگاهن ۽ زميني سرحدي داخلي رستن تي اسڪيننگ ۽ متاثر ماڻهن جي لاءِ قرنطينه سينٽرز جو قيام يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ منڪي پاڪس جي صورتحال تي جائزه ا??لا?? ٿيو. وزيراعظم چيو ته منڪي پاڪس کان بچاءُ جون سموريون احتياطي تدبيرون اختيار ڪيون وڃن، عوام کي منڪي پاڪس کان بچاءُ جي احتياطي تدبيرن ??ي حوالي سان آگاهي فراهم ڪئي وڃي. هن چيو ته هوائي اڏن، بندرگاهن ۽ زميني سرحدي داخلي رستن تي اسڪيننگ يقيني بڻائي وڃي، الله جي فضل ۽ ڪرم سان پاڪستان کي في الحال منڪي پاڪس جي حوالي سان ڪنهن به قس?? جي هنگامي صورتحال درپيش نه آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته سمورا ادارا خاص طور تي صحت واري وزارت، اين ڊي ايم اي منڪي پاڪس جي حوالي سان پنهنجي تياري مڪمل ڪري ڇڏين. هن چيو ته منڪي پاڪس کان متاثر ماڻهن جي لاءِ قرنطينه سينٽرز جو قيام يقيني بڻايو وڃي. ا??لا?? کي منڪي پاڪس جي تازي صورتحال جي حوالي سان آگاهه ڪيو و??و. ا??لا?? ۾ بريفنگ دوران ٻڌايو و??و ته آفريقي کنڊ هن وقت منڪي پاڪس کان سڀ کان وڌيڪ متاثر آهي، پاڪستان ۾ متاثر ماڻهن ۾ منڪي پاڪس جي ڪليڊ ٽو قسم ڏٺي وئي آهي جيڪا گهڻي قدر گهٽ خطرناڪ آهي، پاڪستان ۾ 14 آگسٽ کان هيستائين رڳو 5 مريضن ۾ ان جي تشخيص ٿي. بريفنگ دوران ٻڌايو و??و ته منڪي پاڪس جي متاثر ماڻهن ۾ ٻاهرئين ملڪ مان پاڪستان اچڻ کانپوءِ ان مرض جي تشخيص ٿي، منڪي پاڪس جي صورتحال تي روزاني جي بنياد تي جائزه ا??لا?? اين سي او سي ۾ ٿي رهيو آهي، پرڏيهي وزارت صورتحال جي حوالي سان پاڪستاني سفارتخانن سان رابطي ۾ آهي، منڪي پاڪس جي حوالي سان عملدارن ??ي ٽريننگ ڪئي وئي آهي. بريفنگ دوران اهو به ٻڌايو و??و ته صوبن کي منڪي پاڪس جي ٽيسٽنگ ڪٽس ۽ ٻيو سامان خريد ڪري اسٽاڪ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، منڪي پاڪس جي حوالي سان گڏيل قومن جي ادارن ۽ حصيداري ادارن ??ان مشاورت جاري آهي، منڪي پاڪس جي حوالي سان ملڪ گير هيلپ لائين 1166 کي فعال ڪيو و??و آهي، عوا?? جي آگاهي جي لاءِ اين آءِ ايڇ، صحت واري وزارت ۽ ميڊيا تي منڪي پاڪس جي حوالي سان معلومات فراهم ڪئي پئي وڃي، چئني صوبن جي وڏن شهرن ۾ قرنطينه سينٽرز قائم ڪيا ويا آهن، پاڪستان ۾ هيستائين 6 لک ماڻهن جي اسڪريننگ ڪئي وئي آهي. ا??لا?? ۾ چئني صوبن جي چيف سيڪريٽريز بشمول گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جي سيڪريٽريز پڻ بريفنگ ڏني. ا??لا?? ۾ وزيراعظ?? جي صحت واري ڪوآرڊينيٽر مختار احمد ڀرٿ، اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن ??ان گڏوگڏ صوبائي چيف سيڪريٽريز پڻ شرڪت ڪئي.