اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ايمپلائيز اولڊ ايج بينيفٽس انسٽيٽيوشن (اي او بي آءِ) کي هدايت ڪئي آهي ته هو ڏسڻ کان محروم شخص کي تاحيات پينشن جي ادائيگي يقيني بنائي جنهن کي اي او بي آءِ پنهنجي والد جي لاڏاڻي کانپوءِ پينشن کان محروم ڪري ڇڏيو هو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته معذور شخص کي رياست پاران بي رحمي جي حالت ۾ نه ٿو ڇڏي سگهجي. هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته ايمپلائيز اولڊ ايج بينيفٽس انسٽيٽيوشن هڪ معذور شخص کي ن??را??داز ڪري وڏي بي حسي جو مظاهرو ڪيو ۽ اهو به اه??ي وقت ۾ جڏهن سندس سمورا گهرڀاتي کيس بنا ڪنهن سهاري جي ڇڏي لاڏاڻو ڪري چڪا آهن. صدر چيو ته ايمپلائيز اولڊ ايج بينيفٽس انسٽيٽيوشن محمد شهزاد کي والد جي پينشن جي ادائيگي يقيني بڻائي. اي او بي آءِ پيدائشي اکين کان محروم شخص جي پينشن ادائيگي جي درخواست کي رد ڪري ڇڏيو هو. صدر چيو ته شڪ??يت ڪندڙ کي رياست پاران بي رحماڻي حالت ۾ نٿو ڇڏي سگهجي، افسوس جو اي او بي آءِ معذور شخص سان سنگين بي حسي جو مظاهرو ڪيو، اي او بي آءِ اکين کان محروم شهري کي پنهنجي موجوده فنڊز ۾ پينشن ادا ڪري. محمد شهزاد (شڪايت ڪندڙ) وفاقي محتسب وٽ شڪ??يت داخل ڪرائي هئي، ??حمد افضل ظفر اي او بي آءِ جو اولڊ ايج پينشنر هو ۽ هو 2016ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، شڪ??يت ڪندڙ جي والده پيءُ جي زندگي دوران ئي لاڏاڻو ڪري چڪي هئي. محمد شهزاد والد جي ”معذور قانوني وارث“طور تي پينشن جي لاءِ اي او بي آءِ کي درخواست ڪئي جڏهن ته اي او بي آءِ پيدائشي اکين کان محروم شخص جي درخواست کي رد ڪري ڇڏيو هو. اي او بي آءِ موقف اختيار ڪيو هو ته رڳو 18 سالن کان گهٽ عمر جا مرد فيملي پينشن جي اهل آهن جڏهن ته محمد شهزاد 44 سالن جو هو. وفاقي محتسب پاران شڪ??يت جي وڌيڪ جاچ بند ٿيڻ کانپوءِ شهري صدر کي اپيل ڪئي هئي. صدر شڪ??يت ڪندڙ جي اپيل منظور ڪندي اداري کي پينشن ادائيگي جي هدايت ڪئي. صدر چيو ته آئين جي روح موجب معذور شخص کي اه??ي پينشن کان محروم نه ٿو ڪري سگهجي، اکين کان محروم شهري پينشن حاصل ڪندڙ ڪنهن به شخص کان بهتر سلوڪ جو مستحق آهي. هن چيو ته اي او بي آءِ جي قانون تي نظرثاني ڪئي وڃي، ??فاقي پاليسي موجب آندو وڃي.