اسلام آباد -04 آگسٽ (اي پي پي) ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن بابت وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي، ته 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارتي قدمن خلاف سڄي دنيا ۾ يوم استحصال ملهايو پيو وڃي. 5 آگسٽ ڄمون ڪشمير جي تاريخ جو ڪارو باب آهي، پاڪستان ڪشميرين جي آزادي واري جدو??هد جي منطقي انجام تائين انهن جي ڀرپور سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. يوم استحصال جي موقعي تي س??وريون سياسي پارٽيون گڏجي ڀارتي قدمن خلاف احتجاج ڪن. پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ حريت اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي انجنيئر امير مقام چيو ته 1947ع کان ڪشميرين جي آزادي واري جدو??هد جاري آهي، ڪشميرين پاڪستان ٺهڻ کان پهرين پاڪستاني هئڻ جو نعرو لڳايو هو. هن چ??و ته ڪشميرين جي خواهشن مطابق ڪشمير تڪرار حل ٿيڻ گهرجي ۽ ان حوالي سان سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن تي عمل ٿيڻ گهرجي، ڀارت طرفان ڏاڍ سان ڪشميرين جي جدو??هد کي دٻائڻ ۾ ناڪامي تي پاڪستان طرفان اسان ڪشميري عوام کي س??ام پيش ڪيون ٿا. هو ڏاڍ جي سامهون ڄمي بيٺا آهن، لکين زندگين جي قرباني ڏني آهي، هنن قيد ۾ ظلم برداشت ڪيا آهن، انهن جو ڏوهه رڳو اهو آهي ته هو پنهنجو بنيادي حق گهري رهيا آهن. هن چ??و ته 5 آگسٽ تي ڀارت طرفان غيرقانوني قبضي هيٺ ڪشمير جي خاص آئيني حيثيت ختم ڪرڻ جو قدم کنيو ويو، جمهوريت جي نام نهاد علمبردار جي ان قدم کي 5 سال مڪمل ٿي چڪا آهن، انهن 5 سالن ۾ 887 ڪشميري شهيد ٿيا، هزارين زخمين ٿيا ۽ انهن کي جيلن ۾ بند ڪيو ويو. ڪشمير ۾ ڀارت طرفان ظلم جو نه ختم ٿيڻ وارو سلسلو جاري آهي، گڏيل قومن جي س??امتي ڪائونسل به انهن ??دمن جي مذمت ڪئي آهي. گڏيل قومن جون قراردادون ڀارت جي آئين ۾ ردوبدل سان تبديل نه ٿيون ٿي سگهن، اهي قراردادون پنهنجي جاءِ تي موجود آهن. پاڪستان ڪشميرين جي جدو??هد جي س??اسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت کي پنهنجو فرض سمجهڻ ۽ اهو حق ادا ڪندو رهندو، اسان اهو مطالبو ڪيون ٿا ته ڪشمير جي حوالي سان گڏيل قومن جي ٺهرائن تي عمل ٿيڻ گهرجي، دنيا ۾ هن ??قت مسلمانن جو رت وهي رهيو آهي. هن چ??و ته او آءِ سي کي اپيل ڪيون ٿا ته هو عملي طور تي مظلوم مسلمانن جي ڀرپور نمائندگي ڪري ۽ عملي قدمن کڻي. هن چ??و ته ڄمون ڪشمير هڪ جيل جو منظر پيش ڪري رهيو آهي، اسان کي ڪشميرين تي فخر آهي جن بهادري سان هر ڏاڍ جو مقابلو ڪيو ۽ ڪشمير بني گا پاڪستان جو نعرو بلند ڪري رهيا آهن. هن چ??و ته ڀارت پنهنجي مظلم تي پردو وجهڻ لاءِ ان جدو??هد کي ڪڏهن دهشتگردي جو نالو ڏئي ٿو ۽ ڪڏهن ان جو الزام پاڪستان تي لڳائي ٿو، پنهنجي حق لاءِ جدو??هد دهشتگردي ناهي، دهشتگردي جو شڪار ته پاڪستان آهي. هن ڪشميرين کي خاطري ڪرائي ته هو ڪشمير تڪرار جي پرامن حل تائين ڪشميرين جي جدو??هد جي حمايت جاري رکندا. هن چ??و ته 5 آگسٽ جي قدمن جي مذمت طور هر سال يوم استحصال ملهايو ويندو آهي، سڄي دنيا ۾ انهن ??دمن خلاف پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائيندا آهن. وزيراعظم هن ڀيري خاص هدايتون جاري ڪيون آهن ته سڄي ملڪ مان ڪشميرين کي اهو پيغام وڃڻ گهرجي ته اسان انهن سان گڏ آهيون. قومي اسيمبلي، سينيٽ ۽ صوبائي اسيمبلين کي به ڪشميرين جي حق ۾ قراردادن جي منظوريءَ جي هدايت ڪئي آهي. قومي اسيمبليءَ ۾ اڄ سومر تي قرارداد پيش ڪئي ويندي، ان ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر جا ميمبر صحيحيون ڪندا. امير مقام چيو ته ڪشمير مسئلي تي سڄي قوم پنهنجي س??اسي وابستگين کان مٿانهون ٿي هڪ هئڻ گهرجي. هن ??لسطين جي حق ۾ به گڏيل قرارداد تي س??ورين پارٽين جو ٿورو مڃيندي چيو ته اهو ئي پيغام ڪشميرين لاءِ به ويندو. هن چ??و ته اسان سڄي دنيا ۾ پنهنجي س??ارتڪارن کي به يوم استحصال ملهائڻ جي هدايت ڪئي آهي ته جيئن دنيا ۾ جمهوريت تي يقين رکندڙن کي اهو پيغام ڏنو وڃي ته هو ان سلسلي ۾ اسان جي حمايت ڪن. هن چ??و ته ريڊيو پاڪستان کان ڊي چوڪ تائين واڪ جو انتظام ڪيو ويو آهي، پارليامينٽ ميمبر ?? سياسي قيادت کي ان ۾ شرڪت جي درخواست ڪئي وئي آهي ته جيئن دنيا کي اهو پيغام وڃي ته ڪشمير جي مسئلي تي س??وريون سياسي پارٽيون گڏ آهن. سموريون وزارتون ۽ کاتا به ان ۾ شريڪ ٿيندا. ان کان علاوه تصويري نمائش سميت ٻيون تقريبون به منعقد ڪيون وينديون. سڌ سماءَ واري وزارت جو به شڪريو ادا ڪندي هن ??ومي ميڊيا کي خاص پروگرام هلائڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن ان ذريعي دنيا کي ڪشمير ۾ ٿيندڙ ظلم بابت آگاهه ڪري سگهجي. پي آءِ اي، اين ايڇ اي، ميٽرو سميت هر کاتي کي چيو ته هو ان ڏينهن جي مناسبت سان بينر لڳائين. ڪشمير معاملن واري وزارت موڪل باوجود ان ڏينهن جي تيارين لاءِ قدم کڻي رهي آهي جنهن تي مان سمورن ملازمن جو ٿورائتو آهيان. هن چ??و ته پاڪستان ساهه جي آخري گهڙي تائين ڪشميرين جي آزادي واري جدو??هد جي حمايت جاري رکندو. حريت ڪانفرنس جي ڪنوينر غلام محمد صفي چيو ته ڀارت 5 آگسٽ 2019ع جو قدم اسرائيلي ماڊل تحت اختيار ڪيو آهي، ڀارت ڪشمير ۾ آبادي جو تناسب تبديل ڪرڻ چاهي ٿو.