ڪراچي-31 جولاءِ (اي پي پي) صنعت ۽ پيدوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين اربع ڏينهن پور?? قاسم انڊسٽريل اسٽيٽ ڪراچي ۾ ٽويوٽا انڊس موٽر ڪمپني لميٽيڊ (آءِ ا??م سي) جو دورو ڪيو. ايگزيڪيٽو نائب صدر ٽويوٽا موٽر ايشيا ڪاز وناري اگوچي، سي اي او آءِ ا??م سي اصغر علي جمالي ۽ آءِ ا??م سي ٽويوٽا جي ٻين سينئر آفيسرن وفاقي وزير جو والهاڻو استقبال ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير راڻا تنوير حسين آءِ ا??م سي ٽويوٽا کي گاڏيون روانگي واپار ڪري سنگ ميل حاصل ڪرڻ تي مبارڪون ڏنيون. هن 64 سيڪڙو تائين آپريشنز جي لوڪلائيزيشن لاءِ آءِ ا??م س?? انتظاميه جي واکاڻ ڪئي جيڪا پاڪستان حڪومت جي جدت ۽ پاڻ ڀاڙڻ جي ويزن جي عڪاسي ڪري ٿي. وفاقي وزير 700 ملين آمريڪي ڊالرن جي سيڙپڪاري ۽ 76000 يونٽس تيار ڪري قومي ترقي ۾ ٽويوٽا جي ڪردار کي به تسليم ڪيو. ان کانسواءِ ڪمپني قومي خزاني ۾ 258 بلين جو حصو وجهي ٿي جيڪا ملڪ جي قومي ترقي ۾ ان جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿي. وفاقي وزير ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جي ??ثر?? کي گهٽ ڪرڻ ۽ هائبرڊ گاڏيون تيار ڪري ماحولياتي چئلينجن کي منهن ڏ??ڻ لاءِ ڪمپني جي فعال انداز کي به اجاگر ڪيو ۽ ان ڳالهه جو ذڪر ڪيو ته ”ان طرح جا قدم موٽر انڊسٽري ۾ ٻين لاءِ هڪ مثال آهن“ تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير آءِ ا??م سي جي سي اي او اصغر علي جمالي جي قائداڻي صلاحيتن جي واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته ڪمپني ک?? ان سنگ ميلن تائين پهچائڻ ۾ ان جو اهم ڪردار رهيو. هن آءِ ا??م س?? انتظاميه جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته قومي ترقي ۾ ان جو نقطه نظر پاڪستان حڪومت سان هم آهنگ آهي. ٽويوٽا موٽر ايشيا جي ايگزيڪيٽو نائب صدر چيو ته ”آءِ ا??م سي سان حصيداري وقت سان گڏوگڏ ٺاهي وئي آهي ۽ تمام گهڻي نتيجا ڏيندڙ آهي. ٽويوٽا ۾ اسان چئون ٿا ته اسان ڪارون ٺاهڻ کان پهرين ماڻهن کي ٺاهيندا آهيون ۽ هي قدم ان ڳالهه جو ثبوت آهي. پاڪستان طرفان هنرمندي ۽ انساني وسيلن جي تربيت ۾ بهتري، اسان مسلسل تعاون ۽ ڪاميابي جا منتظر آهيون. سي اي او آءِ ا??م سي ٽويوٽا اصغر علي جمالي پنهنجي خطاب ۾ وفاقي وزير ۽ حڪومت جو ٿورو مڃيو، ڪمپني جي دوري تي وفاقي وزير هڪ ٻوٽو لڳايو، گاڏين جي ايڪسپورٽ يونٽ جو افتتاح ڪيو ۽ آءِ ا??م سي ٽويوٽا طرفان کيس هڪ يادگار پيش ڪيو ويو.