ڪوئٽا -05 آگسٽ (اي پي پي) بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي چيو آهي، ته 5 آگسٽ 2019ع تاريخ جو اهو ڪارو ڏينهن آهي، جنهن ڏينهن هندو انتهاپسند پارٽي بي جي پي ڀارتي آئين جي آرٽيڪل 370 ۽ 35 (اي) کي ختم ڪندي ڪشمير جي خاص حيثيت جو خاتمو ڪ??و. ??ن يوم استحصال ڪشمير جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ??شمير تي ڀارتي ظل??ن جو نه رڪجندڙ سلسلو جاري آهي، جنهن ۾ لکين بيگناهه ڪشميرين کي شهيد ڪيو ويو. ڄمون ??شمير جي خاص حيثيت کي ختم ڪندي ڪشميرين جون زمينون ??سي اتي انتهاپسند هندن کي آباد ڪيو پيو وڃي، مسلمانن جي اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ??ئي ??ڃي ۽ ڪشميرين جي زندگين کي ڏکيو بڻايو پيو وڃي. وڏي وزير چيو ته عالمي برادري کي ڀارتي رياستي ادارن جي ظل?? ۽ ڏاڍ جو نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ گڏيل قومن جي ٺهرائن مطابق ڪشميرين کي سندن خودمختياري وارو حق ڏنو ڃي. وڏي وزير پاڪستانين کي اپيل ڪئي ته هو يوم استحصال ڪشمير تي پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪن ۽ مظلوم ڪشميري ڀائرن جو آواز بڻجن.