دوشنبي – 02 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪ??تا?? ۽ تاجڪ??تا?? جي وچ ۾ ٻطرفي دوستاڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته ٻئي ملڪ زراعت، صحت، تعليم، واپار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا، خطي ۾ امن ۽ خوشحالي جي لاءِ دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ تاجڪ??تا?? سان گڏجي ڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن تاجڪ??تا?? جي صدر امام علي رحمان سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته تاجڪ??تا?? ۾ اسان جو گرمجوشي سان استقبال ڪيو ويو. ا??ين لڳي ٿو ته اسان هڪ گهر کان ٻئي گهر آيا آهيون، اسان ڪيترين ئي مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪيون آهن، مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي مضبوطي جو سبب بڻجنديون. انهن معاهدن تي صحيحن تي ٿورائتا آهيون، ان سان ڀائراڻا لاڳاپا مستحڪم ۽ تعاون ۾ اضافو ٿيندو. آئون توهان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهيان، دوستاڻي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن کي نه رڳو مستحڪم ڪرڻ پر زراعت، صحت، سيڙپڪاري، واپار ۾ اضافي سميت مختلف شعبن ۾ تعاون ۾ وڌيڪ اضافي جي خواهشمند آهيون. هن چيو ته ٽرانسپورٽ ۽ گڊز ڪراچي بندرگاهه کان افغان??تا?? جي رستي تاجڪ??تا?? تا??ين شين جي چرپر ٿي رهي آهي، چاهيون ٿا ته تاجڪ??تا?? ۽ پاڪ??تا?? جي وچ ۾ روڊ ۽ ريل نيٽ ورڪ وڌيڪ مضبوط ٿئي. تاجڪ??تا?? جي صدر ۽ وفدن جي سطح تي ملاقاتن دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون جي لاءِ مثبت ۽ نتيجاخيز ڳالهه ٻولهه ٿي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن، واپاري ڪاٿي ۾ اضافي جي لاءِ سالياني بنيادن تي هدف مقرر ڪرڻ گهر??ن. ??ن چيو ته اسان کي گهڻ رخا واپاري لنگهه ڳولڻ گهرجن، چين، تاجڪ??تا?? ۽ افغان??تا?? جي وچ ۾ واپاري لنگهه جو حصو بڻجڻ جا خواهشمند آهيون. وزيراعظم چيو ته تاجڪ??تا?? ۽ پاڪ??تا?? دهشتگردي کان متاثر ملڪ آهن. پاڪ??تا?? ڪيترائي سال ان ناسور کي منهن ڏنو ۽ انساني زندگين ۽ معاشي نقصانن جي صورت ۾ وڏي قيمت ادا ڪئي. دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ پاڪ??تا?? اربين رپين جو معاشي نقصان برداشت ڪيو ۽ سوين جانيون قربان ڪيون. پوري پاڪ??تا??ي قوم دهشتگردي کان متاثر ٿي، پاڪ فوج دهشتگردي جو بهادري سان مقابلو ڪيو ۽ ان ناسور جي خاتمي جي لاءِ بي مثال قربانيون ڏنيون. هن چيو ته 18 – 2017ع ۾ اسان دهشتگردي جو خاتمو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا هئاسين جڏهن ته بدقسمتي سان اهو ناسور هاڻي ٻيهر اڀري سامهون آيو آهي، گڏيل ڪوششن سان اسان ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ پرعزم آهيون. اسان چاهيون ٿا ته پاڪ??تا?? ۽ تاجڪ??تا?? دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪريون، اسان خطي ۾ امن چاهيون ٿا، امن سان خطي ۾ خوشحالي ايندي. وزيراعظم چيو ته غزه ۾ ??لس??ينين تي ظلم ڪيا پيا وڃن، غزه ۾ 40 هزار ??لس??ينين کي شهيد ڪيو ويو. پاڪ??تا?? جي مذمت ڪري ٿو. ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جيڪو ٿي رهيو آهي ان جي مذمت ڪريون ٿا. ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن جي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشمير مسئلو حل ڪيو وڃي. ڪشميرين کي انهن جو عالمي سطح تي مڃيل خودمختياري جو حق ملڻ گهرجي. هن چيو ته اميد آهي ته ڪاسا – 1000 منصوبو ايندڙ سال مڪمل ٿي ويندو جنهن سان خطي ۾ خوشحالي ايندي. پاڪ??تا?? ۽ تاجڪ??تا?? سرڪاري پاسپورٽن ويزا کان ڇوٽ ڏيڻ جي ٺاهه تي صحيحون ڪيون آهن. ان موقعي تي پاڪ??تا?? ۽ تاجڪ??تا?? جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ معاهدن ۽ مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون.