اسلام آباد-30 جون (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير وفاقي وزير عطا الله تارڙ چيو آهي ته مولانا فضل الر??ما?? اسان ج?? بزرگ ۽ قابل احترام سياستدان آهي، سياست ۾ سمورن مسئلن جو حل صرف ڳالهين ۾ آهي، موجوده صورتحال ۾ بيان بازي بدران پارليامينٽ ۾ سياست ٿيڻ گهرجي. جي يو آءِ جي سربراهه مولانا فضل الر??ما?? جي پريس ڪانفرنس جي رد عمل ۾ پن??نج?? بيان ۾ سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته حڪ??مت جي بهتر معاشي حڪمت عملي سان ملڪي اسٽاڪ ايڪسچينج تاريخي بلندي تي آهي، جڏهن ته مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ واڌ ٿي آهي، واپاري خس??رو گهٽ هجڻ سان گڏ روپئي جو قدر مستحڪم هجڻ پڻ سٺو سنئوڻ آهي. وفاقي وزير چيو ته ايندڙ عام چونڊون 2029ع ۾ مقرر وقت تي ٿينديون. هن چيو ته بزرگ سياستدان هجڻ جي ناطي مولانا صاحب کي حڪ??مت جي معاشي بهتري جي قدمن کي ساراهڻ گهرجي.