راولپنڊي-01 مئي (اي پي پي) چيف آف آرمي ??سٽاف ج??رل سيد عاصم منير ۽ برطانوي فوج جي چيف آف ج??رل اسٽاف ج??رل (سي جي ايس) سرپيٽرڪ سينڊرز نيش??ل ڊفينس يونيورسٽي ۾ ڇهين پاڪستان برطانيه استحڪام ڪانفرنس جي شروعاتي سيشن کي خطاب ڪيو. ڪانفرنس جي شروعاتي سيشن ۾ مقرر سي جي ايس يو جي آرمي ????رل سر رولنڊ والڪر به شرڪت ڪئي. آءِ ايس پي آر طرفان جاري بيان مطابق پاڪ يوڪي استحڪام ڪانفرنس ٻنهي ملڪن وچ ۾ دفاعي ۽ سيڪيورٽي تي فليگ شپ ڊائلاگ آهي جيڪو پاڪستان ۽ برطانيه ۾ وقتن بوقتن منعقد ٿيندا رهندا آهن. ان ۾ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماهر جن ۾ سفارتڪار، دفاعي عملدار، دانشور ۽ سول سوسائٽي جا نمائندا گڏجي ويهي بهتري لاءِ خيالن جي ڏي وٺ ڪن ٿا. موجوده ڪانفرنس ۾ برطانيه جو 30 رڪني وفد 29 اپريل کان 3 مئي تائين پاڪستان جي دؤري تي آهي، جنهن جي اڳواڻي اسٽينڊنگ جوائنٽ فورس ڪمانڊر ميجر ج??رل ٽام بيٽ مين ڪري رهيو هو. ڪانفرنس دوران ٻنهي طرفن جي وفدن عالمي ۽ علائقائي ماحول، قومي ??لامتي، علائقائي امن ۽ استحڪام تي ان جي اثرن جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن سال ان مباحثي کي ٻه طرفن بجاءِ علائقائي مسئلن تائين وسعت ڏني وئي آهي ۽ خطي جي ٻنهي ملڪن جي دفاعي عملدارن ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي. ان کان اڳ چيف آف آرمي ??سٽاف سي جي ايس ۽ مقرر سي جي ايس برطانيه سان ملاقات ڪئي ۽ پيشوراڻه مفاد ۽ ٻه طرفي سهڪاري لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بنائڻ لاءِ قدم کڻڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. چيف آف آرمي ??سٽاف سي جي ايس برطانيه جي ٻه طرفه فوجي لاڳاپن کي وڌائڻ لاءِ سندن خدمتن تي شڪريو ادا ڪيو ۽ مقرر چيف آف ج??رل اسٽاف برطانيه آرمي ????رل سر رولنڊ والڪر کي ان جي نامزدگيءَ تي مبارڪون پيش ڪيون.