اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان اسلامي جمهوريه ايران جو صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي سومر ڏينهن وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ايران ۽ پاڪستان جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ??و دور پڻ ٿيندو. وزيراعظم هائوس پهچڻ تي ايراني ص??ر جي اعزاز ۾ گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويندو، ايراني ص??ر ۽ وزيراعظم شهباز شريف وزيراعظم هائوس جي سبزه زار ۾ ڌرتيءَ جي ڏينهن جي مناسبت سان ٻوٽو لڳائيندا. ٻئي اڳواڻ ايران ۽ پاڪستان جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جي مفاهمتي يادداشتن تي ص??يحن واري تقريب ۾ شريڪ ٿيندا. ٻئي اسلام اسلام آباد جي هڪ شاهراهه کي ايران اوينيو جو نالو ڏيڻ ??ي تقريب ۾ پڻ شريڪ ٿيندا. ٻئي اڳواڻ هڪ گڏيل پريس ٽاڪ پڻ ڪندا. وزيراعظم ايراني ص??ر ۽ سندس وفد جي اعزاز ۾ مانجهاندو پڻ ڏيندو.