اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پي ٽي آءِ وارا اڊيالا مان ملڪ دشمني جي گائيڊ لائين وٺي رهيا آهن، ڪنهن کي پاڪستان تي تنقيد ۽ پرڏيهي پاليسي تي حملي آور ٿيڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، پرڏيهي پاليسي سان کيڏڻ عمران خان جو شيوو رهيو آهي. قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي اطلاعات و??ري وفاقي وزير چيو ته هو هائوس جو ڌيان پاڪستان جي مفاد ۾ سان واڳيل پاليسي جي محاذ طرف ڇڪرائڻ چاهي ٿو. پرڏيهي پاليسي هڪ حساس موضوع آهي، گذريل ڏينهن صدر جي خطاب دوران جيڪو هن ايوان ۾ ٿيو، افسوسناڪ هو، ماضي ۾ هن هائوس جي روايت رهي آهي ته اپوزيشن پاران علامتي احتجاج ڪيو ويندو هو ان کانپوءِ ايوان ۾ ويهي تقرير ٻڌي ويندي هئي، ڪالهه گيلريز ۾ غيرملڪي سفارتڪار به موجود هئا ۽ انهن جي موجودگي ۾ ايوان جي اندر باجا وڄايا ويا، اپوزيشن ايوان جي اندر غلط روايتون وجهي رهي آهي، ماضي ۾ اهڙي طرح ايوان جو ماحول ڪڏهن خراب نه ڪيو ويو. اطلاعات و??ري وفاقي وزير چيو ته جڏهن به دوست ملڪن پاران پاڪستان جي دوري تي وفد اچن ٿا يا سيڙپڪ??ري جي حوالي سان ڪو اشارو ڏنو وڃي ٿو ته مُخالف ڌر پاران پاڪستان جي دوست ملڪن جي حوالي سان مختلف قسم جا بيان سامهون اچن ٿا. پي ي آءِ جي هڪ ميمبر پاران هڪ بيان ڏنو وڃي ٿو ۽ ان کانپوءِ ان جي پنهنجي ئي پارٽي ان جي ترديد ??ري ٿي. هن چيو ته جيڪڏهن توهان کي تنقيد ??رڻي آهي ته منهنجي ذات تي ڪريو، منهنجي پارٽي تي ڪريو، اسان جي هڪ هڪ ميمبر تي ڪريو، پر پاڪستان تي تنقيد ??رڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. اطلاعات و??ري وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ اڳ ۾ به آمريڪي سازش جو بيانيو ٺاهيو ۽ چيو ته اسان ڪو غلام آهيون، آمريڪي سازش جي نتيجي ۾ اسان جي حڪومت ڪيرائي وئي آهي، ان کانپوءِ انهي بيانيي تي هن يوٽرن ورتو. وفاقي وزير چيو ته انهن جي ليڊر جو شيوو رهيو آهي ته پرڏيهي پاليسي سان کيڏڻو آهي، سڀني کي اها آڊيو ياد هوندي جنهن ۾ هن چيو هو ته اسان ان بيانيي سان کيڏڻ چاهيون ٿا. وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ سائفر سان کيڏي پوري ڊ??لو??يٽڪ ڪور جي رابطي ڪ??ري ۽ رابطي جي ڳجهي نظام کي خطري ۾ وڌو، سائفر هڪ ڳجهو دستاويز هوندو آهي، ان جو هڪ تقدس هوندو آهي، هن پوري ڊ??لو??يٽڪ ڪور جي ڪميونيڪشن نظام کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو. هن چيو ته پاڪستان جي دوست ملڪن جي ??لا?? بي بنياد الزام هنيا، هي اڳ ۾ اهڙي طرح جا بيان ڏيارين ٿا ۽ ان کانپوءِ ان جا ترجمان انهن جي ترديد ??ن ٿا. هن چيو ته ڪهڙي ضرورت پيش اچي ته پي ٽي آءِ جي آفيشل اڪائونٽ تان ترديد ??ئي وڃي ته اسان جي فاضل ميمبر ڪنهن دوست ملڪ بابت جيڪا ڳالهه ڪئي هئي اها غلط هئي. هن چيو ته پاڪستان اڳتي وڌي رهيو آهي، معيشت جي حوالي سان مثبت خبرون اچي رهيون آهن، بلومبرگ، يو اين ڊي پي، ايشيائي ترقياتي بئنڪ ۽ ٻيا عالمي مالياتي ادارا تسليم ڪري رهيا اهن ته پاڪستان ۾ سيڙپڪ??ري اچي رهي آهي، ملڪ جي پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، ملڪ ۾ مهانگائي جو خاتمو ٿيڻ وڃي رهيو آهي. اطلاعات و??ري وزير چيو ته اسان اهو مطالبو ڪريون ٿا ته هن هائوس جي اندر دوست ملڪن جي حوالي سان گڏيل قرارداد آندي وڃي. هن چيو ته پرڏيهي پاليسي جي حوالي سان ملڪ دشمني جي ذريعي ملڪ کي جيڪو نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي اها انهن جي ليڊر جي هدايت تي ڪئي پئي وڃي، انهن کي اڊيالا کان آرڊر اچي ٿو ته ڪنهن به دوست ملڪ جي ??لا?? ڳالهه ڪريو، ان کانپوءِ اهي پاڻ ان جي ترديد ??رائين ٿا، پرڏيهي پاليسي تي ڪنهن به قسم جو ٺاهه ڪرڻ، ان کي نقصان پهچائڻ ۽ ڪوڙي بيانيي جي اجازت نه ڏني ويندي. وفاقي وزير چيو ته اڊيالا جيل ۾ ويهي اهي ملڪ دشمن بيانيو هلي رهيو آهي جنهن تحت 9 مئي تي ملڪي دفاع تي حملا ڪيا هئا ۽ هاڻي ملڪ جي پرڏيهي پاليسي تي حملو ڪرڻ چاهين ٿا جنهن جي قطعي طور تي اجازت نه ڏني ويندي، هي ملڪ سڀ کان مٿاهُون آهي ۽ سياسي پارٽيون ان کانپوءِ اچن ٿيون.