اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف يورپي يونين سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪندي چيو آهي ته يورپي يونين پاڪستا?? ۾ ??ختلف شعبن ۾ اهم سڌارن جي لاءِ مشاورت ۽ مهارت فراهم ڪرڻ جي لاءِ ا??م ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستا?? ۾ ??ورپي يونين جي سف??ر ايمبيسڊر رينا ڪيونڪا ملاقات ڪئي. وزيراعظم پنهنجي ٻيهر چونڊجڻ تي مبارڪباد جي پيغامن ??ي يورپي يونين جي اڳواڻن جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم يورپي يونين جي سف??ر سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته هو يورپي يونين سان گڏجي ڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهن. هن چيو ته پاڪستان جا يورپي يونين سان دوستاڻا ۽ خوشگوار لاڳاپا آهن. هن ٻنهي طرفن جي و?? ۾ ??وجوده اداراجاتي حڪمت عملي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. وزيراعظم جي ايس پي پلس اسڪيم جي حوالي سان پاڪستان جي لاءِ يورپي يونين جي مسلسل حمايت کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستا?? ۾ ??ختلف شعبن ۾ اهم سڌارن جي لاءِ مشاورت ۽ مهارت فراهم ڪرڻ جي لاءِ يورپي يونين اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. يورپي يونين جي سف??ر وزيراعظم کي ٻنهي طرفن جي وچ ۾ تعاون جي مختلف قدمن ??ابت آگاهه ڪيو ج?? ۾ ??نهي ڌرين جي وچ ۾ چرپر جي معاملن ۽ پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ يورپي ڪاروبارن کي سهولت فراهم ڪرڻ شامل آهي. ملاقات ۾ پاڪستان مان يورپي يونين جي ملڪن جي لاءِ اڏامن ??ي بحالي تي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.