اسلام آباد – 13 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ??ڪومت چين پا??ست??ن اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) تحت قدمن کي وقت سر لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ اڻٿڪ محنت ڪندي، پا??ست??ن سي پيڪ جي اڳئين مرحلي ۾ وڃڻ جو خواهشمند اهي جنهن ۾ پا??ست??ن ۾ چيني سيڙپڪاري کي آسان بڻائڻ جي لاءِ خصوصي اقتصادي زونز کي فعال ڪرڻ شامل آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان عوامي جمهوريه چين جي سفير جيانگ زيڊونگ وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪيانگ جا سندس ٻيهر چونڊجڻ ۽ عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد جي پيغامن تي ٿورا مڃيا. هن چيني قيادت جي گرمجوشي جي جذبن جو گرمجوشي سان جواب ڏنو ۽ پا??ست??ن ۽ چين جي وچ ۾ مضبوط دوستي کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ان جي تعاون ۽ عزم کي ساراهيو. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ??ندس حڪومت چين پا??ست??ن اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) تحت قدمن کي وقت سر لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ اڻٿڪ محنت ڪندي. هن زور ڏنو ته پا??ست??ن سي پيڪ جي اڳئين مرحلي ۾ وڃڻ جو خواهشمند آهي جنهن ۾ پا??ست??ن ۾ چيني سيڙپڪاري کي آسان بڻائڻ جي لاءِ خصوصي اقتصادي زونز کي فعال ڪرڻ شامل آهي. وزيراعظم چيو ته ??صوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) سندس گذريل حڪومت جي دور ۾ ٺاهي وئي هئي ته ??يئن ترجيحي شعبن بشمول زراعت، آءِ ٽي، معدنيات ۽ قابل تجديد توانائي ۾ غيرملڪي سيڙپڪاري کي راغب ڪري سگهجي. هن چيو ته چيني ڪمپنيون پا??ست??ن ۾ تمام گهڻو ??نا??عو ڏيندڙ موقعا ڳولي سگهن ٿيون. چيني سفير ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته چيني قيادت ۽ حڪومت پاڪ چين دوستي کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جا خواهشمند آهن. ان سلسلي ۾ هن وزيراعظم محمد شهباز شريف کي جلد کان جلد چين جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت جو ورجاءُ ڪيو. دعوت قبول ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته هو اهو دورو گڏيل طور تي مناسب تاريخ تي ڪندو جنهن تي سفارتي ذريعن سان ڪم ڪيو ويندو. ان موقعي تي پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار، منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر احسن اقبال، وزيراعظم جو خاص معاون سيد طارق فاطمي ۽ پرڏيهي سيڪريٽري موجود هئا.