اسلام آباد – 26 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد سي??يئر صحافي ۽ پي ايف يو جي (ورڪرز) جي صدر پرويز رشيد جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ??يو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن مرحوم جي پونئيرن سان دلي همدرديءَ جو اظهار ڪندي چيو ته پرويز شوڪت جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي افسوس ٿيو، پرويز شوڪت هڪ باصلاحيت ۽ محنتي صحافي ??و، هن پنهنجي پوري زندگي صحافتي پيشي ۽ صحافين جي حقن جي لاءِ وقف ڪئي. هن چيو ته مرحوم جي صحافت جي شعبي ۾ اڻٿڪ خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. هن دعا ڪئي ته الله ??عا??يٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام ڏي ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.