اسلام آباد – 05 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ڊيره اسماعيل خان ۾ ??ول??س اسٽيشن تي دهشتگرد حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي 10 ??ول??س اهلڪارن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته ملڪ ۽ قوم جي حفاظت جي لاءِ جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ بهادر فرزندن کي سلام پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته دهشتگرد ملڪ جي امن ۽ استحڪام جا دشمن آهن، دهشتگردي جون بزدلاڻيون ڪارروايون اسان جا حوصلا ڪمزور نه ٿيون ڪري سگهن. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ت?? قوم دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ??ول??س ۽ سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. ملڪي سلامتي کي نقصان پهچائڻ جي ڪنهن ??ه ڪوشش کي سختي سان منهن ڏنو ويندو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير دهشتگردي جي واقعي ۾ زخمي اهلڪارن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.