اسلام آباد – 17 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ملڪ کي درپيش چ??لي??جز ۽ مسئلن جي حل جي لاءِ قومي سطح تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ملڪ کي سياسي ورڇ ۽ معاشي مشڪلاتن جهڙا چ??لي??جز درپيش آهن، اميد آهي ايندڙ چونڊيل حڪومت انهن مسئلن ۽ چ??لي??جز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سنجيدگي سان ڪم ڪندي. اليڪشن ڪميشن ??ي ڪوريج ڪندڙ صحافين سان مانجهاندي جي موقعي تي غيررسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته حڪومت دهشتگردي جي چ??لي??ج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن چ??و ته ملڪ کي درپيش چ??لي??جز ۽ مسئلن جي حل لاءِ اهل قيادت جي چونڊ ضروري آهي، اميد آهي 8 فيبروري جي چونڊن کانپوءِ جيڪا به چونڊيل حڪومت ايندي اها ملڪ ۽ عوام جي بهتري لاءِ ڪم ڪندي. هن چ??و ته نگران حڪومت آئين تحت ڪم ڪري رهي آهي، اسان ??ي ڪوشش آهي ته جيڪا ذميواري اسان کي ملي آهي ان کي بهتر طريقي سان سرانجام ڏيون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چ??و ته ليول پليئنگ فيلڊ جي شڪايت هر هڪ کي آهي، مسلم ليگ (ن) کي سنڌ ۾ ۽ پيپلزپارٽي کي پنجاب ۾ ليول پليئنگ فيلڊ جون شڪايتون آهن، جي يو آءِ سميت ڪيتريون ئي ٻيون پارٽيون به ليول پليئنگ فيلڊ جي گلا ڪري رهيُون آهن. هن چ??و ته اليڪشن ڪميشن آزاداڻيون، منصفاڻيون ۽ غيرجانبداراڻيون چ??نڊون ڪرائڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي.