اسلام آباد – 03 – ??نو??ي (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪ??ڪڙ ايران جي شهر ڪرمان ۾ دهشتگرد حملن ۾ قيمتي جاني نقصان تي افسو?? جو اظهار ڪندي مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ ايراني حڪومت ۽ عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي. سوشل ميڊيا ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪ??ڪڙ چيو ته ايران جي شهر ڪرمان ۾ دهشتگرد حملن ۾ قيمتي جاني نقصان بابت ڄاڻي تمام گهڻو ڏ?? ٿيو، پاڪستان ان ڪڌي فعل جي مذمت ۽ ايران سان يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو. هن چيو ته اسان جا جذبا ۽ دعائون هن مشڪل گهڙيءَ ۾ ايراني حڪومت ۽ عوام سان گڏ آهن.