مظفر آباد – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته اسان جي دفاعي صلاحيت جي ڪري ڪنهن ۾ جرئت نه آهي ته پاڪستان طرف اک کڻي ڏسي، گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب ريفرنڊم کانسواءِ ڪشمير مسئلي ج?? ڪو حل قبول نه آهي، مودي والاريل ڪشمير کي دنيا جي سڀ کان وڏي ج??ل بڻائي ڇڏيو، اسرائيل فلسطينين جي نسل ڪشي ڪري رهيو آهي، اصل ڌيان ان ڳالهه تي رهڻ گهرجي ته اسرائيلي ظالم نيتن ياهو جا هٿ ڪيئن روڪيا وڃن، اتي ج??گبندي ٿئي ۽ انساني لنگهه کلي، پاڪستان ۾ قانوني طور تي رهندڙ غيرملڪين کي واپس نه پيو موڪليو وڃي، پنهنجا وسيلا غيرقانوني طور تي رهندڙ غيرملڪين تي نه پنهنجي شهرين تي خرچ ڪرڻا آهن، معيشت بهتر ٿي رهي آهي، اميد آهي ته وياج جي شرح ۾ به گهٽتائي ايندي، يونيورسٽين کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، داخلائن جي لاءِ ڪوٽا جو مسئلو گڏيل مشاورت سان حل ڪيو ويندو، وفاقي حڪومت آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي شاگردن جي مسئلن جي حل لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي. آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي يونيورسٽين جي شاگردن ۽ شاگردياڻين سان ڳالهه ٻولهه ڪندي نگران وزيراعظم چي?? ته پاڪستان جي آبادي 24 ڪروڙ آهي ۽ 60 کان 65 سيڪڙو آبادي نوجوانن تي ٻڌل آهي. ٻاهرئين ملڪ رهندڙ ڪشميري آزادي ج?? تحريڪ جو اهم حصو آهن. معاشي موقعا پيدا ڪرڻ جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي ج?? ضرورت آهي. روزگار حاصل ڪرڻ جي لاءِ ٻاهرئين ملڪ ويندڙن کي منفي انداز ۾ نه وٺڻ گهرجي. نوجوانن کي ڄاڻ هجڻ گهرجي ته اهي ج??هن شعبي ج?? تعليم حاصل ڪري رهيا آهن ان جي عملي ميدان ۾ ڪيتري اهميت آهي، معياري تعليم تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، يونيورسٽين کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. ايڇ اي سي سان ميڊيڪل ۽ ٻين شعبن ۾ تعليم جي فروغ لاءِ اسان جي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، ان جي لاءِ هڪ ٺوس منصوبو جوڙيو پيو وڃي. اميد آهي ته ان جا بهتر اثر پوندا. داخلائن جي لاءِ ڪوٽا جو مسئلو گڏيل مشاورت سان حل ڪيو ويندو. هڪ ٻئي سوال جي ج??اب ۾ نگران وزيراعظم چي?? ته هڪ جهڙو تعليمي نصاب سنجيده معاملو آهي ۽ اهو چئلينج به آهي، ان تي تفصيلي غور فڪر ڪري عملدرآمد ٿيڻ گهرجي، سنجيده بحث سان ئي اسان ڪنهن نتيجي تي پهچي سگهون ٿا. پارليامينٽ کي ان ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اسان حوصلا افزائي ڪنداسين ته ان تي ڪو لاڀائتو بحث ڪيو وڃي. اڳتي وڌڻ جي لاءِ مڪالمي ج?? فروغ ضروري آهي. هن چي?? ته فزيوٿراپي ڪائونسل ۽ نرسنگ ڪائونسل جي حوالي سان جيڪي به معاملا آهن آزاد ڪشمير جي حڪومت سان ان تي ڳالهه ڪنداسين. ميڊيڪل جي تعليم جي حوالي سان هڪ نئين پاليسي ٺاهي پئي وڃي، 15 جنوري تائين منظوري ج?? لاءِ اها ڪابينا ۾ پيش ڪئي ويندي ج??هن ۾ سمورن معاملن جو حل ڏنو ويندو. هن چي?? ته ميڊيڪل جي شعبي ج?? مسئلن جي حل لاءِ آزاد ڪشمير حڪومت سان ڀرپور تعاون ڪنداسين. نگران وزيراعظم چي?? ته نريندر مودي والاريل ڪشمير کي دنيا جي سڀ کان وڏي ج??ل بڻائي ڇڏيو آهي. ماڻهن جي چرپر ۽ هڪ ٻئي سان ملڻ تي پابندي آهي. اهي سمورا مسئلا ان وقت حل ٿيندا جڏهن ڪشمير مسئلي ج?? حتمي حل نڪرندو. ان حتمي حل کانپوءِ سڀني ج?? لاءِ آسانيون پيدا ٿينديون. هن چي?? ته ڪوريڊورز جي پنهنجي اهميت آهي پر ان ۾ ڀارت هڪ وڏي ۽ ظالم ڌر آهي. ڪشمير جي ٻنهي حصن جي وچ ۾ ڪوريڊور قائم ڪرڻ جي لاءِ اسان هڪطرفي طور تي ڪو فيصلو نٿا ڪري سگهون. نگران وزيراعظم چي?? ته ڪشمير مسئلي ج?? حتمي حل گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب منصفاڻو ۽ غيجانبداراڻو ريفرنڊم آهي. ڪشميري عوام، پاڪستان ۽ ڀارت ان مسئلي جا سڀ کان وڏي ڌر آهن، ريفرنڊم کانسواءِ ڪو حل قابل قبول نه هوندو. نگران وزيراعظم چي?? ته افواهون دوست نه پر دشمن ڦهلائيندا آهن، اهي چاهين ٿا ته اسان جي وچ ۾ غلط فهميون پيدا ٿين، اسان جي اها ذميواري آهي ته اسان انهن افواهن جو ازالو ڪريون ۽ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ منفي جذبن جو ازالو ڪريون. ڪشمير جي آزادي ج?? تحريڪ ۾ هزارين ڪشميرين پنهنجو رت وهايو آهي. پاڪستان ان مسئلي تي ٽي ج??گيون ??ڙه?? چڪو آهي ۽ اڳتي به هر قسم جي ج??گ وڙهڻ جي لاءِ تيار آهي. ڪشمير مسئلي ج?? رڳو هڪ ئي حل آهي ۽ اهو آهي ريفرنڊم. اسان ڀارت جي ج??هن قدم جي خلاف عالمي سطح تي آواز اٿاري رهيا آهيون اهو ئي قدم پاڻ ڇو کڻنداسين، ڪشميري پنهنجو فيصلو پنهنجي مرضي سان ڪندا، ڪشمير مسئلي تي پنهنجي موقف تان هڪ انچ به پٺتي نه هٽنداسين ۽ ان کي هر فورم تي اجاگر به ڪندا رهنداسين، پاڪستان ڪشميرين جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. نگران وزيراعظم چي?? ته هائوس جاب جو معاوضو پوري ملڪ ۾ برابر هجڻ گهرجي. وفاقي حڪومت جيڪڏهن ان ڏس ۾ ڪو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي ته ڪندي. نگران وزيراعظم چي?? ته اسٽيٽ بئنڪ کي 2019ع ۾ خودمختيار بڻايو ويو آهي. ناڻي واڌ جي شرح کي نظر ۾ رکندي وياج جي شرح جو تعين ڪيو وڃي ٿو. اسان اسٽيٽ بئنڪ تي وياج جي شرح ۾ گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ دٻاءُ نه ٿا وجهي سگهون پر جهڙي طرح معيشت بهتري طرف وڃي رهي آهي، اميد ڪريون ٿا ته مستقبل ۾ وياج جي شرح ۾ به گهٽتائي ايندي. نگران وزيراعظم چي?? ته وچولو ۽ وچٿرو طبقو پاڪستان جو بنياد آهي ۽ انهي طبقن کي ملڪ کي اڳتي وٺي هلڻو آهي. اسڪالرشپ جي فراهمي ج?? حوالي سان امتيازي رويو ڪنهن سان نه ٿيڻ گهرجي. ليپ ٽاپ اسڪيم ۾ به ڪشمير جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي نظرانداز نه ڪيو ويندو ۽ جيڪڏهن ڪا ڪوتاهي ٿي آهي ته ان جو ازالو ڪيو ويندو. هڪ سوال جي ج??اب ۾ نگران وزيراعظم چي?? ته ڀارتي سپريم ڪورٽ جي في??لي بابت آزاد ڪشمير جي قيادت ۽ حريت اڳواڻن سان ڊگهي مشاورت ٿي آهي ۽ فيصلو ڪيو ويو آهي ته اسان کي ڀرپور توانائي سان ڪشمير مسئلي کي اجاگر ڪرڻو آهي. ڪشميري قيادت، ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين ۽ ٻين طبقن کي ڪهڙي طرح متحرڪ ڪيو ويندو، ان جا عملي اثر جلد نظر ايندا. نگران وزيراعظم چي?? ته تحقيق ۽ ترقي قومن کي باعزت مقام ڏيارين ٿيون، ميڊيڪل جي شعبي ج?? لاءِ خصوصي معاون جي مقرري به ڪئي وئي آهي، اهو به آزاد ڪشمير جو دورو ڪري ان حوالي سان معاملن جو جائزو وٺندو. هڪ سوال جي ج??اب ۾ نگران وزيراعظم چي?? ته قومون پنهنجي جاگرافيائي سان گڏوگڏ پنهنجي روح جي لاءِ ??ڙه?? ٿيون، ڪشمير تڪرار رڳو پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ نه آهي، پر ڪشميري ان جو هر اول دستو آهن، ڪشميرين جي 200 سال جي تاريخ آهي ۽ اها سڃاڻپ تمام پراڻي آهي، ان جنگ ۾ پاڪستان ڪشميرين سان گڏ بيٺل آهي، ڪشميرين جي 99.9 سيڪڙو آبادي وڏي جرئت ۽ همت سان ??ڙه?? رهي آهي. نگران وزيراعظم چي?? ته مون غزه کي اهڙو مقام قرار ڏنو آهي جتي ٻارن سان هولوڪاسٽ ٿي رهيو آهي، اسرائيلي ج??گي ڏوهن جو ذڪر اسان هر جاءِ تي ڪيو آهي ۽ اڳتي به ڪندا رهنداسين، اسرائيل جيڪي ظلم ڪري رهيو آهي انساني تاريخ ۾ ان جو مثال شايد ئي ملي ٿو، حضرت موسيٰ جا پيروڪار هجڻ جا دعويدار فرعون بڻيل آهن، اسرائيل فلسطينين جي نسل ڪشي ڪري رهيو آهي، اسرائيلي فوج ٻارن ۽ عورتن کي نشانو بڻائي رهي آهي، اهڙي ڳالهه نه آهي ڪو سمجهي ته رڳو انهن جا جذبا آهن ۽ حڪومت جذبن کان خالي آهي. هن چي?? ته بجاءِ ان جي ج?? اسان هڪ ٻئي ج?? گريبانن ۾ هٿ وجهون پر اصل ڌيان ان ڳالهه تي رکڻ گهرجي ته هي ج??ڪو اسرائيلي ظالم نيتن ياهو آهي ان جا هٿ ڪيئن روڪيا وڃن ۽ اسان جي پهرين ڪوشش جنگبندي ۽ انساني ڪوريڊور کولڻ جي مطالبي تي رهي، غيرضروري بحث ڪنهن صورت ۾ به انهن معصوم شهيدن جي حق ۾ نه هوندو. نگران وزيراعظم چي?? ته غزه اسان جي دل ۽ دماغ ۽ روح جي ويجهو آهي، فلسطينين تي ظلمن جي ڪري اسرائيل جي خلاف دنيا ۾ نفرت ۾ اضافو ٿيو آهي، غزه ۾ جنگبندي ج?? لاءِ سنجيده ڪوششون ڪرڻ گهرجن، پاڪستان فلسطينين ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي. پاڪستان ۾ غيرقانوني طور تي رهندڙ غيرملڪين جي وطن واپسي بابت سوال جي ج??اب ۾ نگران وزيراعظم چي?? ته اسان هڪ به افغان پناهگير کي واپس ناهي موڪليو، 50 لک افغان پناهگير پاڪستان ۾ رهي رهيا آهن، انهن مان 16 کان 17 لک جي رجسٽريشن ڪئي وئي، رجسٽرڊ ماڻهن مان ڪنهن هڪ کي به واپس ناهي موڪليو ويو پر ان سان گڏوگڏ لکين ماڻهن وٽ ڪو قانوني دستاويز نه هو ۽ اسان انهن کي لاڳيتو چئي رهيا هئاسين ته اهي پنهنجي وطن واپس وڃن ۽ اتان قانوني دستاويز تي پاڪستان اچي سگهن ٿا. هن چي?? ته اسان کي پنهنجا وسيلا پنهنجي شهرين تي استعمال ڪرڻا آهن، غيرقانوني طور تي رهندڙ غيرملڪين تي نه. هن چي?? ته ذهني صحت جي حوالي سان معاملن کي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ اميد آهي ته آزاد ڪشمير حڪومت ان حوالي سان قدم کڻندي. نگران وزيراعظم چي?? ته اسان کي ڪنهن سان جنگ وڙهڻ جو شوق نه آهي پر جيڪڏهن ڪير سمجهي ٿ?? ته اسان ڪمزوري ڏيکارينداسين يا جهُڪي وينداسين ته اهو پنهنجي غلط فهمي ختم ڪري ڇڏي، هو 30 جنگيون ??ڙه??دا ته اسان 300 جنگيون وڙهڻ جي لاءِ تيار آهيون، پاڪستان جي دفاعي صلاحيت جي ڪري ڪنهن ۾ جرئت نه آهي ته پاڪستان طرف اک کڻي ڏسي. جيڪا نعمت اسان کي رياست جي صورت ۾ ملي آهي ان جو قدر ڪرڻ گهرجي. نگران وزيراعظم چي?? ته هو هتي مشاورت جي لاءِ آيو آهي ۽ ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو آهي، هڪ ٻئي ج?? حوصلا افزائي به ڪنداسين ۽ هڪ ٻئي کان سکنداسين به، ڪنهن قدم جي مذمت ڪرڻ به هڪ عمل هوندو آهي، سفارتي، ميڊيا سميت ڪنهن به محاذ کي آواز اٿارڻ کانسواءِ نه ڇڏڻ گهرجي، سفارتي سطح تي ڪنهن به قدم جي ج??ڪڏهن مذمت ڪئي ويندي آهي ته اها به هڪ سفارتي گهرج هوندي آهي ان کي نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي.