گڏيل قومون-14 ڊسمبر (اي پي پي) پ??ڪس??ان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ سڌارن بابت موجوده بين الحڪومتي ڳالهين (آءِ جي اين) کي ”بهترين پليٽ فارم“ قرار ڏيندي چيو آهي ته ان سلسلي ۾ ڪنهن به تڪڙ يا مختلف مرحلن ۾ کنيل قدم 15 رڪني سلامتي ڪائونسل کي وسعت ڏيڻ جي عمل ۾ ڪنهن نتيجي تائين پهچڻ جي ڪوشش ۾ رنڊڪ پيدا ڪري سگهن ٿا. گڏيل قومن ۾ پ??ڪس??ان جي نائب مستقل نمائندي عثمان اقبال جدون سلامتي ڪائونسل جي نئين سر جوڙجڪ لاءِ ڊگهي عرصي کان جاري ڳالهيون ٻيهر شروع ڪرڻ تي نمائندن کي خطاب ۾ چيو ته سلامتي ڪائونسل ۾ واڌ جي ڪنهن به نئين عمل کي نئين سر شروع ڪرڻو پوندو ۽ ان اندر چئلينجن کي مُنهن ڏيڻو پوندو جنهن جي مقصد لاءِ بين الحڪومتي ڳالهين ۾ ان کان پهرين مُنهن ڏيندو رهيو آهي. پ??ڪس??ان طرفان ان مؤقف جو ورجاءُ توسيع ٿيل سلامتي ڪائونسل جي مستقل رڪنيت لاءِ ڀارت، برازيل، جرمني ۽ جاپان تي ٻَڌل گروپ ??ف فور جي نئين دٻاءُ کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي. پ??ڪس??اني نمائندي چيو ته صرف برداشت ۽ بردباري سان خيالن جي ڏي وٺ، هڪٻئي جي مؤقف کي قبول ۽ پنهنجي مؤقف تي سمجهوتو ڪرڻ سان ئي هم هم آهنگي کي وسعت ۽ انحراف کي گهٽ ڪري سگهون ٿا ۽ اهڙي طرح سڌارن لاءِ هڪ اهڙو ماڊل تيار ڪري سگهون ٿا جيڪو ميمبر ملڪن کي وسيع امڪاني اڪثريت لاءِ قابل قبول هجي. هن چيو ته اسان سڀ سلامتي ڪائونسل کي وڌيڪ نمائنده، وڌيڪ جمهوري، وڌيڪ ش??اف، وڌيڪ اثرائتو ۽ وڌيڪ جوابده ڏسڻ چاهيون ٿا ۽ اهو مقصد صرف جامع سڌارن ذريعي حاصل ڪري سگهجي ٿو جيڪو تمام ميمبر ملڪن چاهي اهي ننڍا هجن يا وچولا يا وڏن مفادن کي نظر ۾ رکي سگهي. مختلف گروپ ۽ ميمبر ملڪن طرفان تجويز ڪيل سڌارن جي ماڊلز جو حوالو ڏيندي پ??ڪس??اني نمائندي چيو ته سڌارن جي عمل کي ”ماڊلز“ تي غير متناسب ڌيان طرف وڌائڻ لاءِ ڪابه هٿرادو قدم ڌُرين جي مؤقف ۾ فرق پيدا ڪرڻ ۽ ميمبر ملڪن کي وڌيڪ ورهائڻ جو امڪان پيدا ڪندو ۽ نتيجو ڏيڻ جي امڪان کي وڌيڪ پيچيده ڪري ڇڏيندو. پ??ڪس??اني نمائندي چيو ته يو ايف سي جو خيال آهي ته وڌيڪ مستق?? ميمبرن کي شامل ڪرڻ سان سلامتي ڪائونسل مفلوج بڻجي ويندو ۽ گڏيل قومن جي ننڍين ۽ وچولي درجي جي رياستن جي اڪثريت جي نمائندگي ۾ رڪاوٽ پيدا ٿيندي. ڊگهي مدتي چونڊيل نشستن لاءِ يو ايف سي جي تجويز جي حوالي سان هن چيو ته اسان گهٽ نمائندگي وارن علائقن مان نون چونڊي?? ميمبرن جي توسيع کي علائقائي نمائندگي جي اصول سان ضم ٿيل ڏسون ٿا. هن چيو ته يو ايف سي آفريقي ۽ ايشيائي ملڪن جي نمائندگي جي حوالي سان مسئلن تي به غور ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته جاگرافيائي بنيادن تي يورپ جي نمائندگي پهرين ئي وڌيڪ آهي ۽ يورپ لاءِ وڌيڪ سيٽن جي ضرورت ناهي. هن چيو ته اضافي ۽ انفرادي مستقل سيٽن جو تصور جامع علائقائي نمائندگي کي ڪمزور ڪري ٿي. ان جو مطلب اهو آهي ته ڪو ملڪ صرف هڪ ڀيرو چونڊبو ۽ اهوئي مستقل طور تي ان خطي جي نمائندگي ڪندو، اهو اصول ان خطي جي ٻين ملڪن لاءِ ڪائونسل جو ميمبر رڪن چونڊجڻ جي موقعي کي گهٽ ڪري ڇڏيندو. ويٽو پاور جي باري ۾ پ??ڪس??ان نمائندي چيو ته جيڪڏهن 5 مستق?? ميمبر پنهنجي مراعتن واري پوزيشن سان دستبردار نٿا ٿين ته جيترن ملڪن مطالبو ڪيو آهي ته وڌيڪ رياستن تائين ويٽو جو حق ڏيڻ سان عدم مساوات ۾ واڌ ٿيندي ۽ سلامتي ڪائونسل جي فيصله سازي جي عمل ۾ وڌيڪ رنڊڪون پيدا ٿينديون جيڪو آخرڪار امن ۽ سلامتي جي اهم مسئلن جي حل ۾ نيون رڪاوٽن جي شڪل ۾ آڏو اينديون. ويٽو جي طاقت کي متوازن ڪرڻ جو سڀ کان مؤثر ۽ قابل عمل طريقو سلامتي ڪائونسل ۾ چونڊيل نمائندن جي انگ کي وڌائڻو آهي. هن چيو ته بين الحڪومتي ڳالهين ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته ڪونسل جي ميمبرن جي انگ ۾ وڌيڪ 10 ميمبر جي واڌ تي ميمبر ملڪن وچ ۾ هم آهنگي موجود هئي ۽ يونائيٽيڊ فارڪن سنسس گروپ به ان سان اتفاق ڪيو آهي. ڪائونسل جي ڪم ڪرڻ جي طريقي جي باري ۾ پ??ڪس??اني نمائندي چيو ته تجويز ڪيل قدمن ۾ ميمبر ملڪن کي ذيلي ادارن سان گڏ ڳالهين کي وڌيڪ غير رسمي موقعا فراهم ڪڻ يا بند اجلاسن ۽ غير رسمي مشاورت ۾ بحث هيٺ معاملن تي غير ميمبرن لاءِ وڌيڪ ڀيرا، وقت سر ۽ معلوماتي بريفنگ جو رٿڻ شامل آهي. واضح رهي ته فيبروري 2009ع ۾ شروع ٿيندڙ سلامتي ڪائونسل ۾ سڌارن جو عمل هاڻ تائين دير جو شڪار آهي. بين الحڪومتي ڳالهين جو عمل پنج ڪلسٽرز بابت آهي جن ۾ رڪنيت جي زمري، ويٽو جو سوال، علائقائي نمائندگي، توسيع ٿيل، سلامتي ڪائونسل جي سائز ۽ ڪائونسل جي ڪم ڪرڻ جي طريقي ۽ جنرل اسيمبلي سان ان جا لاڳاپا شامل آهن. سڌارن جي عمل ۾ ڪائونسل کي وسعت ڏيڻ تي هڪ عمومي معاهدي باوجود ميمبر ملڪن وچ ۾ ان جي تفصيلن تي شديد اختلاف ڏٺا ويندا آهن. ڀارت، برازيل، جرمني ۽ جاپان تي ٻَڌل گروپ ??ف فور ڪائونسل جي مستقل رڪنيت جا خواهشمند آهن ۽ ان ڪائونسل جي ميمبرن جو انگ وڌائي 25 تائين ڪرڻ جي مؤقف ۾ ڪنهن خدشو نه ڪيو. ان جي ڄاڻايل نَون ميمبرن ۾ 6 مستقل ۽ 4 غير مستق?? ميمبر جو اضافو شامل آهي. ٻئي طرف اٽلي ۽ پ??ڪس??ان جي قيادت ۾ اتفاق راءِ بابت اتحاد سلامتي ڪائونسل جي مستق?? ميمبرن جي انگ ۾ واڌ جي سختيءَ سان مخالفت ڪئي آهي. ان گروپ ميمبرن جي هڪ نئين ڪيٽيگري تجويز ڪئي آهي جيڪا مستقل نه هوندا پر ان جي رڪنيت جي مدت ڊگهي هوندي ۽ ان کي ٻيهر چونڊجي سگهجي ٿو. سلامتي ڪائونسل هن وقت 5 مستق?? ميمبرن تي ٻَڌل آهي جن ۾ برطانيه، چين، فرانس، روس ۽ آمريڪا مستق?? ميمبر آهن جڏهن ته 10 غير مستق?? ميمبر جي چونڊ ٻن سالن جي مدت لاءِ ڪئي ويندي آهي.