بيجنگ – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان سڄي ملڪ ۾ انفراسٽرڪچر جي ??رق?? لاءِ قدم کڻي رهيو آهي، پاڪستان کي ٽرانزيشنل اڪانومي بڻائڻ ۽ ملڪ ۾ سياحت ج?? ??رق?? لاءِ ريلوي ۽ روڊ انفراسٽرڪچر انتهائي ضروري آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن چائنا ڪميونيڪشنز ڪنسٽرڪشن ڪمپني جي سي اي او وانگ هائي هوائي ۽ چائنا روڊ اينڊ برج ڪارپوريشن جي چيئرمين سان ڳالهائيندي ڪيو، جن بيجنگ ۾ ساڻس مل??قات ڪئي. مل??قات ۾ شريڪ ٿيندڙن سي پيڪ تحت سي سي سي سي ۽ سي آر بي سي تحت پاڪستان ۾ جاري منصوبن بابت آگاهه ڪيو. شريڪ ٿيندڙن پاڪستان ۾ انفراسٽرڪچر جي تعمير، قابل تجديد توانائي ۽ ٻين شعبن ۾ پنهنجي سي??پڪاري وڌائڻ ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. نگران وزيراعظم چيني ڪمپنين جي پاڪستان ۾ منصوبن تي پذيرائي ڪئي ۽ انهن جي سي??پڪاري وڌائڻ ۾ دلچسپي جي آجيان ڪئي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان سڄي ملڪ ۾ انفراسٽرڪچر جي ??رق?? لاءِ قدم کڻي رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان کي ٽرانزيشنل اڪانومي بڻائڻ ۽ ملڪ ۾ سياحت ج?? ??رق?? لاءِ ريلوي ۽ روڊ انفراسٽرڪچر انتهائي ضروري آهي. نگران وزيراعظم چيني ڪمپنين جي پاڪستان ۾ سي??پڪاري ۾ اضافي ۾ دلچسپي جي آجيان ڪئي.