اسلام آباد – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران و??ير??عظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جو تڪرار ڏکڻ ايشيا ۾ ڇڪتاڻ جو مُنڍ آهي، پاڪستان گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پرعزم آ??ي، سڄي دنيا ۾ خاص طور تي هندوتوا جي شڪل ۾ اسلامو فوبيا عالمي امن ۽ سلامتي جي لاءِ هڪ سنگين خطرو آهي. و??ير??عظم آ??يس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران و??ير??عظم انوارالحق ڪاڪڙ سان او آءِ سي جي سيڪر??ٽر?? جنرل جي ڄمون ۽ ڪشمير بابت خصوصي ايلچي يوسف ايم الدوبي ملاقات ڪئي. نگران و??ير??عظم او آءِ سي جي وفد جي پاڪستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي دوري جي آجيان ڪئي. هن ڪشمير ڪاز جي حمايت ۾ او آءِ سي جي مسلسل ڪوششن کي خاص طور تي 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي هڪطرفي ۽ غيرقانوني قدمن جي ڏس ۾ ساراهيندي چيو ته پاڪستان ۽ ڪشمير جي عوام کي او آءِ سي مان تمام گهڻيون اميدون آهن. نگران و??ير??عظم چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جو تڪرار ڏکڻ ايشيا ۾ ڇڪتاڻ جي پاڙ آهي، ان جي حل سان ئي خطي ۾ امن قائم رهي سگهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پرعزم آ??ي. پنهنجي خودمختياري جي حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي زبردست قربانين کي اجاگر ڪندي نگران و??ير??عظم چيو ته ڪشميرين حمايت جي لاءِ سدائين او آءِ سي ۽ مسلمان امت طرف ڏٺو آهي. نگران و??ير??عظم سڄي دنيا ۾ خاص طور تي هندوتوا جي شڪل ۾ اسلامو فوبيا جي عروج تي پڻ شديد ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته اهو عالمي امن ۽ سلامتي جي لاءِ هڪ سنگين خطرو آهي، انهن قوتن جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي. يوسف ايم الدوبي نگران و??ير??عظم کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار تي او آءِ سي جي اصولي موقف جي خاطري ڪرائيندي چيو ته او آءِ سي ڪشمير ڪاز جي لاءِ پوري طرح پرعزم آ??ي ۽ او آءِ سي جي خصوصي ايلچي جي حيثيت سان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي لاءِ سندس پاڪستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو دورو انهي عزم جو اظهار ڪيو.