باڪو – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ترڪيه جي پرڏيهي وزير هاڪان فيدان سان آذربائيجان جي شهر شوشا ۾ اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 27 هي?? اجلاس جي موقعي تي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات دوران ٻنهي پرڏيهي وزيرن ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ جي لا??ِ ڪوششون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. هنن اسٽريٽجڪ حصيداري جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ۽ سمو??ن بنيادي مسئلن تي ثابت قدم حمايت جو ورجاءُ ڪيو. پرڏيهي وزيرن واپار، سيڙپڪاري، دفاع، تعليم، ثقافت، زراعت ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌ??ڪ مضبوط ۽ گهرو ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.