حيدرآباد -06 آڪٽوبر(اي پي پي) تعليم واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته پاڪستان وٽ تعليم کان سواءِ ترق??ءَ جو ٻيو ڪو به رستو ناهي ، تعليم جي ب??تريءِ جي لاءِ اسان جون ڪوششون جاري آهن ان سلسلي ۾ 16 آڪٽوبر تي تعليم جو معيار بهتر بڻائڻ ۽ جيڪي ٻار اسڪولن ۾ نٿا وڃن انهن کي اسڪولن ۾ آڻڻ جي لاءِ بين الصوبائي ڪانفرنس منعقد ڪئي ويندي اهڙو اظهار هن حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو هن چيو ته تعليم جو معيار ۽ حال خراب آهي مونکي خبر پئي آهي ته سنڌ ۾ هڪ ماڻهو ڪاپي پيسٽ ??ري پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ??ري 19 هون گريڊ حاصل ڪيو آهي هن چيو ته اسڪولن جا ماستر وڏيون پگهارون کڻن ٿا پر اسڪولن ۾ نٿا وڃن ميڊيا اهڙن مسئلن جي نشاندهي ??ري اسان تعليم جي معيار کي ب??تر بنائڻ چاهيون ٿا هن چيو ته سڄي ملڪ ۾ سرڪاري اسڪول تباه ٿيل آهن ۽ اهي ڪنهن جي ب?? ترجيحات ۾ نه آهن تعليمي ادارا تعليم جي معيار کي ب??تر بنائڻ جي بدران فن??ن جي حاصلات جي ڪوششن ۾ رڌل آهن مون سنڌ يونيورسٽ??ءَ جي وائيس چانسلر کي چيو آهي ته ماڻهو ڀرتي ڪرڻ جي بدران تعليم جو حال درست ڪيو حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته 21 هين گريڊ وارن کي پڙهائڻ نٿو اچي ڪاپي ??ري پي ايڇ ڊي ??ري رهيا آهن هن چيو ته اسان وٽ وقت ٿورو آهي پر ڪنهن سٺي ڪم جو بنياد رکي سگهون ٿا ، سنڌ يونيورسٽي جي غريب شاگردن کي اسڪالر شپ جا چيڪ ڏئي مونکي تمام گهڻي خوشي ٿي هينئر تائين هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي ذريعي اهڙن شاگردن کي 1829 ملين روپيه ڏئي چڪا آهيون سنڌ يونيورسٽ??ءَ کي ب?? 15 ملين روپيه ڏنا آهن شهيد الهه بخش يونيورسٽ??ءَ کي ب?? ايڇ اي سي پاران 886 ملين جي گرانٽ ملي ٿي پر يونيورسٽي جي انتظاميه کي خبر ئي ناهي ته شهيد الهه بخش ڪير هو ، مدد علي سنڌ چيو ته سنڌ جي چيئرمين بورڊ کي گهرائي چيو آهي ته اوهان چالان جمع ڪرائڻ ، سرٽيفڪيٽ ڏيڻ جي لاءِ ڊجيٽل س??ٽم بنايو ۽ کڙڪ??ءَ وارو سسٽم ختم ڪيو ان سسٽم سان ماڻهن کي تڪليف ٿئي ٿي ، هن چيو ته مان بنيادي طور تي صحافي آهيان ۽ پنهنجي زندگ??ءَ جا 45 سال صحافت کي ڏنا آهن اڄ به صحافين جي زندگي تبديل نه ٿي سگهي آهي انهن کي محنت جو پورو اجورو نٿو ملي ان کان اڳ ۾ حيدرآباد پريس ڪلب جي صدر لالا رحمان سمون ، جنرل سيڪريٽري حميد الرحمان وفاقي وزير جو آڌر ڀاءُ ڪيو جڏهن ته سينئر صحافي علي حسن وفاقي وزير کي اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي جو تحفو ڏنو.