ڪراچي – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) ??طل??عات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته آئين تحت ملڪ کي ان جا چونڊيل نمائندا هلائيندا، نگران حڪومت جي انتظامي قدمن سان ڊالر جي قيمت گهٽ ٿي آهي جنهن جو اثر پيٽر??لي?? مصنوعات جي خريداري تي پڻ پوي ٿو، اميد آهي ايندڙ ڏينهن ۾ پيٽر??لي?? مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي ٿيندي، بجلي چوري جي خلاف قدمن سان ا??ڪل 8 ارب رپين جون وص??لي??ن ٿيون آهن، آئين جي آرٽيڪل 218 (3) تحت آزاداڻيون، منصفاڻيون، شفاف ۽ غيرجانبداراڻيون چونڊون ڪرائڻ جي ذميواري اليڪشن ڪميشن وٽ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي پريس ڪلب جي دو??ي جي موقعي تي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي پرنسپل انفارميشن آفيسر محمد عاصم کچي پڻ موجود هو. ??طل??عات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته ڪراچي پريس ڪلب منهنجو پراڻو گهر آهي جيڪو جمهوريت جي ارتقا ۾ هڪ اهم مورچو رهيو آهي. هن چيو ته ڪراچي پريس ڪلب جي هڪ تاريخي حيثيت آهي، فڪر، علم ۽ دانش جي آزادي ۽ عوام جي حڪمراني جي حق ۾ ڪراچي پريس ڪلب جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي، آمريت جي دو?? ۾ به ڪراچي پريس ڪلب تان جمهوريت جي لاءِ مضبوط آواز اڀريو، اڄ به پاڪستان جا پورهيت، مظلوم عوام پنهنجو ڏک درد ٻڌائڻ ڪراچي پريس ڪلب اچن ٿا. مرتضيٰ سولنگي چيو ته صحافين جي مسئلن کان آگاهه آهيان، انهن جي نوڪرين بابت مسئلا موجود آهن. هن چيو ته موجوده نگران حڪومت آئين جي آرٽيڪل 224 تحت هڪ آئيني ۽ قانوني حڪومت آهي، اسان جي دو?? ۾ صحافين سان ناانصافي نٿي ٿي سگهي. هن چيو ته صحافين جي مسئلن جي حل لاءِ پرنسپل انفارميشن آفيسر سان گڏجي قدم کنيا ويندا. هڪ سوال جي جواب ۾ ??طل??عات واري نگران وفاقي وزير چيو ته اليڪشن ڪميشن جنوري جي آخري هفتي ۾ چونڊون منعقد ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي، اليڪشن ڪميشن بااختيار آئيني ادارو آهي، ان جي ذميواري آهي ته ملڪ جي اندر آزاداڻيون، شفاف ۽ غيرجانبدراڻيون چونڊون منعقد ڪرائي. هن چيو ته نگران حڪومت اليڪشن ڪميشن جي هر طرح جي مدد ڪندي ۽ اليڪشن ڪميشن جون سموريون ضرورتون پوريون ڪيون وينديون. هن چيو ته عام چونڊون منعقد ڪرڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪنداسين، 30 نومبر تائين تڪبنديون مڪمل ٿي وينديون، ان کانپوءِ چونڊن جي حتمي تاريخ به ڏني ويندي. پيٽر??لي?? مصنوعات جي قيمتن بابت سوال جي جواب ۾ ??طل??عات واري نگران وفاقي وزير چيو ته پيٽر??لي?? مصنوعات جي قيمتن جو تعين عالمي مارڪيٽ ۾ موجود قيمتن سان ٿئي ٿو، موجوده نگران حڪومت جي انتظامي قدمن جي ڪري ڊالر جي قيمت ۾ گهٽتائي ٿي آهي جنهن جو اثر پيٽر??لي?? مصنوعات جي خريداري تي پڻ پوي ٿو، اميد آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ پيٽر??لي?? مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي ٿيندي. ميڊيا ورڪرز ۽ صحافين جي پگهارن جي عدم ادائيگي بابت سوال تي ??طل??عات واري نگران وفاقي وزير چيو ته جيڪي ميڊيا هائوسز پنهنجي ملازمن کي پگهار ادا نه ڪندا انهن کي سرڪاري اشتهار جاري نه ڪيا ويندا. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته بجلي چوري جي مد ۾ ا??ڪل 8 ارب رپين جون وص??لي??ن ٿيون آهن، بجلي چوري جي ڪري ٻين صارفين تي بار پوي ٿو، ان نظام کي صحيح ڪرڻ جي ضرورت آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ نگران وفاقي وزير چيو ته جيڪڏهن ڪنهن کي اليڪشن ڪميشن جي حوالي سان خدشا آهن ته ان جي لاءِ قانون ۽ عوام جون عدالتون کليل آهن. اسان جو اختيار ۽ مدو محدود آهي، اسان ملڪي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ چاهيون ٿا، اسان پنهنجي حلف جي پاسداري ڪنداسين. چونڊن دو??ان پاڪستان جي سمورين رجسٽرڊ سياسي پارٽين کي برابر موقعا فراهم ڪيا ويندا.