اسلام آ??اد – 17 – آگسٽ (اي پي پي) ??گر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي ملاقات ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ??گر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ صادق سنجراڻي وزيراعظم کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪ??اد ڏني ۽ ان جي لاءِ پنهنجي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ??گر??ن وزيراعظم سينيٽ چيئرمين جا ٿورا مڃيا. سينيٽ چيئرمين اميد جو اظهار ڪيو ته ??گر??ن حڪومت عوامي امنگن موجب نه رڳو اليڪشن ڪميشن جي صاف ۽ شفاف چونڊون منعقد ڪرڻ ۾ مدد ڪندي پر ملڪي معاشي ترقي جي سفر کي وڌيڪ تيز ڪندي. ??گر??ن وزيراعظم چيو ته ??گر??ن حڪومت ڀرپور ڪوشش ڪندي ته ان مخ??صر عرصي ۾ عوامي نمائندن جي اعتماد تي پورو لهي. ان موقعي تي سينيٽر دنيش ڪمار پڻ موجود هو.