اسلام آباد – 19 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان جي نوجوانن کي پنهنجون توانائيون مثبت انداز ۾ استعمال ۾ آڻڻ جا موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ گذريل ڏينهن س??ي ملڪ ۾ راندين جي فروغ ۽ عالمي معيار جون سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ يوٿ اسپورٽس انيشي ايٽو جي شروعات ڪئي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پاڪستان جي آبادي جي اڪثريت نوجوانن تي ٻڌل ??هي پر بدقسمتي سان نه رڳو مقامي پر عالمي راندين جي لاءِ سهولتن جي شديد کوٽ آهي، ان ڏس ۾ اسان ملڪ جي پهرين اسپورٽس يونيورسٽي جي پيڙهه جو پٿر ۽ اسپورٽس انڊوومنٽ فنڊ قائم ڪيو آهي. ان کانسواءِ باصلاحي?? ۽ ??هترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ رانديگرن جي حوصلا افزائي، عالمي مقابلن جي لاءِ راندين جي تربيت ۽ ٻين ق??من سان س??ي ملڪ ۾ راندين جو فروغ يقيني بڻايو ويندو. تاريخ گواهه آهي ته پاڪستان جي باصلاحيت نوجوانن کي جڏهن به موقعو ڏنو ويو انهن س??ي دنيا ۾ سبز هلالي جهنڊي کي پنهنجي بهتر ڪارڪردگي سان بلند ڪيو. مون کي اهو به ادراڪ آهي ته قدم ناڪافي آهن پر اها هڪ سٺي شروعات آهي، مون کي پوري اميد آهي ته ايندڙ حڪومت انهن ق??من جو تسلسل قائم رکندي.