اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاق?? انشورنس محتسب جي ڪارڪردگي کي ساراهيند?? انشورنس معاملن ۾ انصاف جي فراهمي لاءِ اداري ??ي ڪردار بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ??يان موجب صدر کي وفاق?? انشورنس محتسب جي سالياني رپورٽ سال 2022ع ايوان صدر ۾ پيش ڪئي وئي. وفاق?? انشورنس محتسب ڊاڪٽر محمد خا??ر جميل رپورٽ پيش ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر چيو ته عوام ک?? انشورنس معاملن ۾ انهن کي درن ت?? انصاف جي فراهمي تيز ڪرڻي پوندي. هن چيو ته عوام انشورنس پاليسين بابت شڪا??تن جي حل لاءِ وفاق?? انشورنس محتسب سان رجوع ڪري ۽ انشورنس معاملن ۾ انصاف جي فراهمي ۾ اداري ??ي ڪردار بابت آگاهي پيدا ڪئي وڃي. صدر وفاق?? انشورنس محتسب جي سال 2022ع جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. وفاق?? انشورنس محتسب سال 2022ع جي رپورٽ ۾ چيو آهي ته 4634 شڪا??تن جو ازالو ڪيو ويو جڏهن ته سال دوران انشورنس پاليسي هولڊرز کي 2.5 ارب رپين جو ريليف فراهم ڪيو ويو. رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته وفاق?? انشورنس محتسب 95 سيڪڙو انشورنس ڪيسز جو ازالو 60 ڏينهن ج?? اندر ڪيو. رپورٽ ۾ چيو ويو ته ماڻهن ک?? انهن جي درن ت?? انصاف جي فراهمي لاءِ انشورنس محتسب سکر ۽ حيدرآباد ۾ نيون آفيسون کوليون آهن.