رديگ – 18 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ايراني صدر ابراهيم رئيسي مند تعلقي جي علائقي رديگ ۾ مند پشين ب??رڊ?? مارڪيٽ ۽ 100 ميگاواٽ گبد پولان بجلي جي ٽرانسميشن لائين جو افتتاح ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، توانائي وارو وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ۽ وڏو وزير عبدالقدوس بزنجو به موجود هئا. وزيراع??م شهباز شريف جي گوادر پهچڻ تي بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو سندن آجيان ڪئي، جنهن کانپوءِ وزيراعظم مند پشين ب??رڊ?? مارڪيٽ جي افتتاح جي لاءِ مند تعلقي جي علائقي رديگ پهتو، جتي اي??ان جي صدر ابراهيم رئيسي وزيراعظم جي آجيان ڪئي. ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن گرمجوشي سان هٿ ??لايو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ايراني صدر ابراهيم رئيسي مند پشين ب??رڊ?? مارڪيٽ جو افتتاح ڪيو ۽ ٻنهي اڳواڻن مارڪيٽ جي مختلف حصن جو معائنو ڪيو ۽ دوستي جي علامت طور ٻوٽو پڻ پوکيو. ب??رڊ?? مارڪيٽ جي قيام سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار جي فروغ ۾ مدد ملندي. سرحد جي ٻنهي طرفن رهندڙ ماڻهن لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا ۽ اسمگلنگ روڪي ويندي. ان کانسواءِ به حڪومت وڌيڪ 5 مارڪيٽس تي به ڪم ڪري رهي آهي، جن کي جلد واپار جي لاءِ کوليو ويندو. بعد ۾ وزيراع??م شهباز شريف ۽ اي??ان جي صدر ابراهيم رئيسي 100 ميگاواٽ گبد پولان بجلي جي ٽرانسميشن لائين جو به افتتاح ڪيو. گبد پولان ٽرانسميشن لائين وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ذاتي دلچسپي جي ڪري رڪ??رڊ مدي ۾ تعمير مڪمل ٿي آهي. ان ٽرانسميشن لائين جي مڪمل ٿيڻ سان اي??ان کان درآمد ٿيندڙ سستي بجلي جي مجموعي مقدار 204 ميگاواٽ ٿي وئي آهي. 132 ڪي وي جي ٽرانسميشن لائين کي اپ گريڊ ڪري 220 ڪي وي ڪيو ويو آهي. چئن مهينن جي رڪ??رڊ مدي ۾ اهو منصوبو مڪمل ڪيو ويو آهي. نئين ٽرانسميشن لائين سان بلوچستان جي سرحدي علائقن ۾ بجلي جي پهچ ۾ بهتري ايندي ۽ ڪاروباري سرگرمين جي لاءِ بجلي جي وڌيڪ مقدار ميسر ايندي. ان منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان وزيراع??م شهباز شريف جو بلوچستان ۾ بنا رڪاوٽ بجلي جي فراهمي جو واعدو پورو ٿي ويو آهي.