اسلام آباد- 10 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف سان پارليامنيٽ هائوس ۾ اسٽيٽ ڪائونسل آف عمان جي ڊپٽي چيئرمين شيخ ڊاڪٽر الخطاب بن غالب بن علي الحنائي ملاقات ڪئي. قومي اسيمبلي سيڪريٽ??يٽ موجب عمان جو ??ارلياماني وفد آئين جي گولڊن جوبلي تقريبن جي سلسلي ۾ قومي اسيمبلي سيڪريٽ??يٽ جي اهتمام هيٺ عالمي آئيني ڪنوينشن ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان جي سرڪاري دوري تي آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته عمان ۾ رهندڙ پاڪستاني ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن وڏي تعداد ۾ پاڪستاني ڪارڪنن جي شاندار ميزباني تي عمان جي عوام ۽ حڪومت کي ساراهيو. اسپيڪر آئين جي گولڊن جوبلي تقريبن ۾ عمان جي شرڪت کي ساراهيو. ان موقعي تي دوستاڻي لاڳاپن جي نوعيت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي اسپيڪر چيو ته پاڪستان عمان سان پنهنجي ڀائراڻن لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. هن خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي مضبوط بنائڻ ۾ عمان جي ڪردار کي به ساراهيو. ڊاڪٽر الخطاب اسپيڪر جي خير سگالي تي ٻڌل لف??ن کي ساراهيندي چيو ته عمان پاڪستان کي پنهنجو ڀاءُ سمجهي ٿو، هن پارلياماني فرينڊ شپ گروپ جي ذريعي پارلياماني رابطن کي وڌائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڀريو ته جيئن مختلف شعبن خاص طور تي موسمياتي تبدي??ين ۾ تعاون جون راهون ڳولي سگهجن، ملاقات ۾ ايم اين اي ناز بلوچ به موجود هئي.