اسلام آباد – 12– اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 6 ايڊيشنل ججز جي مقرري جي منظو??ي ڏئي ڇڏي آهي. صدر جي منظوري کانپوءِ قانون واري وزارت نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ مقرر ٿيندڙ ججز ۾ امجد علي ٻوهيو، محمد عبدالرحمان، خادم حسين سومرو شامل آهن. ان کانسواءِ ارباب علي هڪڙو، جواد اڪبر ۽ ثنا اڪرم منهاس جو پڻ ايڊيشنل جج طور مقرري جو ن??ٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. واضح ر??ي ته جوڊيشل ڪميشن آف پاڪستان گذريل مه??ني سنڌ هاءِ ڪورٽ جي لاءِ 9 مان 6 ججن جي مقرري جي سفارش ڪئي هئي.