اسلام آباد – 29 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان ي??رپ?? يونين پاران پاڪستان کي هائي رسڪ ملڪن جي فهرست مان ڪڍ?? جي فيصلي جي آجيان ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ان قدم سان مني لانڊرنگ جي خاتمي/ دهشتگردي جي مالي معاونت جي خاتمي ۾ فني مسئلن تي ضابطو آڻڻ ۾ پاڪستان جي ڪارڪردگي کي تسليم ڪيو ويو آهي. ترجمان چيو ته اهو قدم نومبر 2022ع ۾ برطانيا جي پاڪستان کي اهڙي طرح جي فهرست مان ڪڍ?? جي فيصلي کانپوءِ سامهون آيو آهي. هن چيو ته فهرست مان نڪرڻ سان پاڪستان ۽ ي??رپ?? يونين جي ادارن جي وچ ۾ مالي ڏيتي ليتي ۾ آساني ٿيندي. ترجمان وڌيڪ چيو ته پاڪستان ي??رپ?? يونين سان گڏيل طور تي فائديمند اقتصادي تعاون جي لاءِ ت??قي کي اڳتي وڌائڻ ۽ حصيدار ملڪن سان اينٽي مني لانڊرنگ/ سي ايف ٽي حڪومتن جي اپ گريڊيشن ۾ پنهنجو تجربو شيئر ڪرڻ جو منتظر آهي.