اسلام آباد – 07 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستاني قوم، سيڪيورٽي فورسز ۽ فوج دهشتگردي جو ??هڙي طرح مقابلو دنيا ۾ ان جو ڪٿي به مثال نه ٿو ملي، حڪومت، فوج ۽ عوام گڏجي ٻيهر دهشتگردي جو مقابلو ڪندا. اهڙن خيالن جو ??ظهار هن ليڊي ريڊ??گ اسپتال پشاور ۾ پوليس لائينز ڌماڪي جي زخمين جي عيادت جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڌماڪي جي زخمين جي احوال بابت طبي عملي ۽ ??نت??اميا سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن زخمين سان يڪجهتي جو ??ظهار ڪندي انهن جي جلد صحتيابي جي دعا ڪئي. هن ڌماڪي ۾ بچي ويندڙ واحد عورت زخمي جي به عيادت ڪئي ۽ واقعي ۾ عورت جي خاندان جي ماڻهن جي شهادت تي افسوس جو ??ظهار ڪيو. صدر زخمين کي ملندڙ طبي امداد تي اطمينان جو ??ظهار ڪيو ۽ چيو ته پوليس ڌماڪو هڪ تڪليف ڏيندڙ ۽ ڪڌو واقعو هو. هن چيو ته دهشتگردي جو ملڪ ۾ مڪمل خاتمو آڻينداسين ۽ حڪومت، فوج ۽ عوام گڏجي ٻيهر دهشتگردي جو مقابلو ڪندا. هن جو چوڻ هو ته منهنجي اچڻ ۾ دير جو ??بب امدادي سرگرمين ۾ خلل جو ??بب نه بڻجڻ آهي. ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ شهيدن جي گهرڀاتين سان گڏ آهيون ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيان. صدر چيو ته حڪومت، ??نت??اميا ۽ ليڊي ريڊ??گ اسپتال پاران زخمين کي بهترين طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي، جن ماڻهن ڌماڪي ۾ پنهنجي پيارن کي وڃايو انهن جي نقصان جو ??زالو نه ٿو ڪري سگ??جي. هن چيو ته حڪومت پاران شهيدن جي پونئيرن ۽ زخمين جي لاءِ امداد خوش آئنده آهي.