اسلام آباد – 06 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شهيد نويد صادق جي لاءِ هلال شجاعت ۽ شهيد انسپيڪٽر نا??ر عباس جي لاءِ ستاره شجاعت ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. وزيراعظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم آءِ ايس آءِ جي شهيد ڊائريڪٽر نويد صادق جي گهر وڃي شهيد جي گهرواريءَ، پٽ ۽ ڌيءَ سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم نويد صادق جي گهرڀاتين سان همدردي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهيد جي لاءِ فاتحه خواني ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف شهيد نويد صادق کي هلال شجاعت ۽ شهيد انسپيڪٽر نا??ر عباس کي ستاره شجاعت ڏيڻ جو اعلان ڪندي چيو ته نويد صادق شهيد ۽ نا??ر عباس شهيد تي پوري قوم کي فخر آهي، اسان جي شهيدن ملڪ جي تحفظ، سلامتي ۽ دفاع جي لاءِ ناقابل فراموش قربانيون ڏنيون آهن. وزيراعظم شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته نويد صادق دهشتگردي جي خاتمي لاءِ مثالي خدمتون سرانجام ڏنيون.