اسلام آباد – 22 – ڊسمبر (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته رياست جي عملداري هر قيمت تي قائم ڪئي ويندي، ڪنهن ک?? دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ قوم ۽ بهادر هٿياربند فوج جي بي مثال قربانين جي ذريعي حاصل ڪيل ڪاميابين ک?? پٽڙي تان لاهڻ جي اجازت نه ??ني ويندي. هو سي ايم ايڇ راولپنڊي ۾ سي ٽي ڊي بنون آپريشن ۾ زخمي ٿيندڙ پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن سان ڳالهائي رهيو هو. آءِ ايس پي آر موجب وز??راعظم محمد شهباز شريف ڪالهه خميس ڏينهن سي ايم ايڇ راولپنڊي سي ٽي ڊي ڪمپليڪس بنون آپريشن دوران زخمي ٿيندڙ آفيسرن ۽ جوانن جي عيادت ڪئي، وز??راعظم آپريشن ۾ حصو وٺندڙ فوجين جي جرئت ۽ بهادري کي خراج تحسين پيش ڪيو. وز??راعظم چيو ته شهيدن ۽ انهن جي گهرڀاتين پاڪستان جي عوام جي تحفظ ۽ سلامتي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن. وز??راعظم چيو ته اسان پرامن ۽ مستحڪم ماحول حاصل ڪرڻ تائين هر قسم جي دهشتگردن، انهن جي حامين ۽ همدردن جي وچ ۾ ڳٺ جوڙ کي ٽوڙڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. وز??راعظم چيو ته رياست جي عملداري هر قيمت تي قائم ڪئي ويندي ۽ ڪنهن ک?? دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ قوم ۽ بهادر هٿياربند فوج جي بي مثال قربانين جي ذريعي حاصل ڪيل ڪاميابين ک?? پٽڙي تان لاهڻ جي اجازت نه ??ني ويندي.