اسلام آباد- 21 نومبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اس??اق ڊار، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي گهروارن جي ٽيڪس معلومات جي ??ير قانوني ۽ غير ضروري ليڪ ٿيڻ جو سختي سان نوٽيس وٺندي خاص مد??گا?? طارق محمود پاشا کي ايف بي آر ڊيٽا جي ??لاف ورزي جي فوري جاچ ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ناڻي واري وفاقي وزير ان سلسلي ۾ 24 ڪلاڪن ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ناڻي واري وزارت طرفان جاري بيان مطابق ناڻي واري وفاقي وزير اس??اق ڊار، آرمي چيف جي گهروارن جي ٽيڪس معلومات جي ??ير قانوني ۽ غير ضروري ليڪ ٿيڻ جو سخت نوٽيس ورتو آهي. هن چيو ته اهو واضح طور تي ٽيڪس جي معلومات جي مڪمل رازداري جي ??لاف ورزي آهي جيڪو قانون فراهم ڪندو آهي. ڪجهه غير ذميوارن طرفان ان سنگين ڪوتاهي کي نظر ۾ رکندي ناڻي واري وفاقي وزير، وزيراعظم جي ??اص مد??گا?? طارق محمود پاشا کي هدايت ڪئي آهي ته هو ذاتي طور تي ٽيڪس قانون ۽ ايف بي آر جي ڊيٽا جي ??لاف ورزي جي فوري جاچ جي قيادت ڪري ۽ ذميوارن جو تعين ڪندي 24 ڪلاڪن ۾ رپورٽ پيش ڪري.