ڪراچي ۔27 آڪٽوبر( اي پي پي ) سنڌ جي سڌ سماءَ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته اسان ڪشمير ۾ ڀا??تي ظلم ۽ بربريت جي سخت مذمت ڪيون ٿا ڀا??ت ۽ مودي سرڪار کي سمجهڻ گهرجي ته 75 سالن جي سختين ۽ پابندين جي باوج??د هو ڪشميرين جي جائز جدوجهد کي ختم ناهن ڪ??ي سگهياآزادي ڪشميرين جي منزل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪشمير ڊي جي موقعي تي پنهنجي هڪ جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو آهي،صوبائي وزير چيو ته ڪشمير تي ڀا??تي قبضو هاڻي وڌيڪ دير تائين نٿو هلي سگهي. ڪشمير جو مسئلو گڏيل قومن جي ٺهرائن ۽ ڪشميري ڀا??رن جي خواهشن مطابق حل ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته ڀا??تي جي ضد جي ڪري ڏکڻ ايشيا جي خطي ۾ امن کي سنگين خطرا آهن. عالمي برادري ڪشمير ۾ ڀا??تي ظلمن ۽ بنيادي انساني حقن جي خلاف ورزي جو نوٽيس وٺي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اسان ڪشميري ڀا??رن جي جدوجهد ۾ انھن جي اخلاقي، سفارتي مدد جاري رکنداسين. پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه ڪشمي?? جي مسئلي کي قومي ۽ عالمي سطح تي اجاگر ڪيو آهي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو، صدر آصف علي زرداري ڪشمير مسئلي کي هر فورم تي ڀرپور طريقي سان اجاگر ڪيو آهي،ھن چيو ته پرڏيهي وزير ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي اڳواڻي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي مشن ڪشمير کي مڪمل ڪندي.