نيويارڪ – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جي آمريڪي صدر جو بائيڊن سان سندس پاران عالمي اڳواڻن جي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي جي موقع?? تي مختصر ڳالهه ٻولهه ٿي، آمريڪي صدر پاران اهو آجياڻو گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي موقع?? تي ڏنو ويو. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر بعد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ آمريڪي صدر جو بائيڊن جي وچ ۾ ٿيندڙ مختصر ڳالهه ٻولهه مثبت ۽ تعميري هئي. مملڪتي وزير چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ لاڳاپا ٺوس بنيادن تي قائم رهيا آهن. هن چيو ته عالمي اڳواڻن پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباه?? تي هم??ردي ۽ خيرسگالي جي جذبن جو اظهار ڪيو ۽ هاڻي ان جذبي کي ٺوس قدمن ۾ تبديل ٿيڻ گهرجي ته جيئن پاڪستان ٻوڏ سان وڏي پئمان?? تي ٿيندڙ تباهي کانپوءِ بحالي ۽ بهتر تعمير طرف وڃي سگهي. حنا رباني کر چيو ته اسان موسمياتي تبديلين جي نتيجي ۾ غيرمعمولي برساتن ۽ ٻوڏ سان نقصانن بابت عالمي برادري کي ڀرپور طريقي سان آگاهه ڪيو آهي.