اسلام آباد -07 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي، ته حڪومت جي اولين ترجيح ٻوڏ متاثرن جي امداد ڪ??ڻ جيڪا پهرين ڏينهن کان جاري آهي، ان چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ پوري قوم متاثرن سان گڏ بيٺل آهي، ٻوڏ سبب ڪيترن ئي علائقن ۾ بيمارين منهن ڪڍيو آهي، خاص طور تي پاڻيءَ سبب پيدا ٿيل بيمارين ۾ اضافو ٿيو آهي. اهڙو اظهار هن سندس صدارت هيٺ نيشنل فلڊ ريسپانس ڪو آرڊينيشن سينٽر جي اجلاس م ڳالهائيندي ??يو. اجلاس ۾ ٻوڏ بابت امدادي سرگرمين جو جائزو ورتو ويو. وفاقي وزير نيشنل ڊزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي ۽ صو??ائ?? ڊزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي کي ٻوڏ متاثر علائقن جي بحالي لاءِ سروي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ اين ڊي ايم اي صو??ائ?? ڊزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي جي سربراهن ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين شرڪت ڪئي. وفاقي وزير چيو ته حڪومت جي اولين ترجيح ٻوڏ متاثرن جي امداد ڪ??ڻ آهي. وفاقي وزير لاڳاپيل اختيارين کي امدادي سرگرميون تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي ??يو ته نقصان جو جائزو وٺڻ لاءِ جلد سروي مڪمل ڪيو وڃي. هن چيو ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ڪيترين ئي بيمارين منهن ڪڍيو. وفاقي وزير صحت واري وزارت ۽ صو??ائ?? حڪومتن جي اختيارين تي زور ڀريو آهي، ته اهي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ طبي امداد ۾ تيزي آڻين ۽ ٻوڏ بابت امدادي سرگرمين ۾ آءِ اين جي اوز ۽ اين جي اوز کي شامل ڪن ته جيئن وڌ کان وڌ ماڻهن کي فائدو پهچائي سگهجي.