اسلام آباد – 14 – آگسٽ (??ي پي پي) چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان زائولي جيان پاڪستان جي 75 هين ڊائمنڊ جوبلي آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. چيني حڪومت جي سرڪاري ٽوئيٽر تي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن ”پاڪستان سالگرهه مب??رڪ“ سان گڏوگڏ پاڪستان ۾ امن، ترقي ۽ خوشحالي جي دعا به ڪئي. پاڪستان ۾ چين جي سفير نونگ رونگ به پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ پاڪستان جو 75 هون آزادي جو ڏهاڙو مب??رڪ، پاڪ چين دوستي زندهه آباد لکيو آهي.