اسلام آباد – 21 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ??يم ڪيو ??يم جي قومي اسيمبلي ميمبر اقبال محمد علي خان جي لاڏاڻي تي سندس پٽ سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب مرحو?? جي پٽ عماد م??مد علي سان فون تي ڳالهائيندي وزيراعظم اقبال محمد علي جي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. وزيراعظم چيو ته اقبال محمد علي هڪ شريف النفس، پڙهيل لکيل ۽ عوام دوست شخص هو، ملڪ ۽ قوم ۽ جمهوريت جي لاءِ سندس خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. وزيراعظم چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ اسان توهان سان برابر جا شريڪ آهيون. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحو?? جي مغفرت فرمائي ۽ کيس جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي.