اسلام آباد – 14 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته وفاقي گادي واري شهر جي ??ختلف علائقن کي ميٽرو بس سسٽم سان ڳنڍڻ جي ??اءِ فزيبلٽي رپورٽ جي تياري جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ??ڪومت شهرين کي بهترين، باعزت، آسان ۽ ماحول دوست ٽرانسپورٽس سروس جي ??راهمي تي يقين رکي ٿي. وزيراعظم چيو ته 5 سال گذري وڃڻ جي باوجود پشاور موڙ کان ايئرپورٽ تائين ميٽرو جو منصوبو مڪمل نه ٿي سگهيو. وزيراعظم چيو ته مون ان منصوبي ۾ دير جي جاچ ۽ ڪم کي جلد مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. هن عوامي ڀلائي جي ان منصوبي ۾ دير ۽ ان جي ڪري لاڳت ۾ اضافي کي بدقسمتي قرار ڏنو. وزيراعظم چيو ته ??مران خان جي حڪومت ۾ ملڪي معيشت جا سمورا شعبا جمود جو شڪار رهيا.