لاهور – پهرين مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اڳوڻي وزيراعظم چوڌري شجاعت حسين ۽ پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي سان ملاقات ڪئي، وزيراعظم عمران خان چوڌري شجاعت حسين جي خيريت معلوم ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي ملاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه پڻ ٿي. وزيراعظم عمران خان چيو ته هو دعاڳو آهي ته الله تعاليٰ چوڌري شجاعت حسين کي جلد مڪمل صحتيابي فرمائي. چوڌري شجاعت حسين عيادت جي لاءِ اچڻ تي وزيراعظم عمران خان جا ٿورا مڃيا. پنجاب جو وڏو وزير سردار ع??مان بوزدار، وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، مخدوم خسرو بختيار، شفقت محمود، ??ما?? اظهر، وزيراعظم جو صلاحڪار ع??دالرزاق دائود ۽ عامر ڊوگر پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا. ملاقات ۾ قومي اسيمب??ي ميمبرن سالڪ حسين، حسين الاهي کانسواءِ شافع حسين، راسخ الاهي ۽ منتها اشرف، محمد خان ڀٽي پڻ موجود هئا.