اسلام آباد – 22 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم ع??ران خان ڪشمير جو ڪيس عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ڪشمير ڪميٽي جي ڪوششن کي ساراهيندي ان کي پنهنجي ڪوششون و??يڪ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم ع??ران خان سان ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين شهريار خان آفري??ي ملاقات ڪئي. وزيراعظم کي ڪشمير ڪميٽي پاران مختلف عالمي فورمن خاص طور تي اسلامي ملڪن جي تنظيم (او آءِ سي)، يورپي يونين، آمريڪي ??انگريس ۽ ٻين عالمي پارلياماني ادارن ۽ ڌرين سان ڪشمير مسئلي کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ کنيل قدمن بابت بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ڪوهاٽ ڊويزن ۾ جاري ترقياتي اسڪيمن تي اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم ڪشمير جو ڪيس عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ڪشمير ڪميٽي جي ڪوششن کي ساراهيندي ان کي ان مقصد جي لاءِ پنهنجون ڪوششون و??يڪ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين کي هدايت ڪئي ته هو ڪوهاٽ ڊويزن ۾ جاري ترقياتي اسڪيمن جي وقت سر پڄاڻي کي يقيني بڻائي ته جيئن عوام کي وڌ کان و?? ريليف ۽ سهولت فراهم ڪري سگهجي.