پنڊ دادن خان – 13 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات ??ارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين نوشڪي پنجگور ۾ دهشتگردي جي حملي ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي شهيد جوان بابر حفيظ جي گهر ويو ۽ شهيد جي والد محمد حفيظ سان تعزيت جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات ??اري وفاقي وزير چيو ته بابر حفيظ شهيد دهشتگردن جو دليري سان مقابلو ڪيو، ملڪ ?? قوم جي لاءِ سندس قربانين کي سدائين ياد رکيو ويندو. هن چيو ته قوم ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ بابر حفيظ شهيد جي گهرڀاتين سان گڏ بيٺل آهي. شهيدن جي خاندانن جا حوصلا آهن جو اهي شهادتن تي فخر ڪن ٿا، اسان پنهنجي شهيد جوانن جي رت جا مقروض آهيون، پورو ??اڪ??تان انهن خاندانن جو احسان مند آهي. اطلاعات ??اري وفاقي وزير چيو ته شهيدن جون قربانيون رائيگان نه وينديون، ??اڪ??تان جي رياست ۽ حڪومت شهيدن جي رت جي هڪ هڪ ڦڙي جو حساب وٺندي. هن دع?? ڪئي ته الله تعاليٰ شهيد بابر حفيظ جا درجا بلند فرمائي ۽ پونيئرن کي صبر جميل عطا فرمائي.