اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ڪائونسل آف پاڪستان ني??ز پيپرز ايڊيٽرز (سي پي اين اي) جي نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏني آهي. پن??نجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير سي پي اين اي جي صدر ڪاظم خان، سينئر نائب صدر اياز خان، سيڪريٽري جنرل عامر محمود ۽ ڊپٽي سيڪريٽري جنرل يوسف عارف نظامي کي ني?? ذميدارين تي ??بارڪباد ڏيندي چيو ته سي پي اين اي مل?? ۾ شاندار صحافتي روايتن جي امين آهي، مل?? ۾ جمهوريت جي فروغ، صحافتي ??درن جي پاسداري ۽ عوام کي باشعور بڻائڻ ۾ سي پي اين اي جو ڪردار واکاڻ جوڳو آهي. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت اظهار راءِ جي آزادي جي جمهوري ۽ بنيادي حق تي ڪامل يقين رکي ٿي. چوڌري فواد حسين چيو ته مل?? ۾ آزادي صحافت جي فروغ ۽ فعال ميڊيا جي ترقي لاءِ هر ممڪن حمايت جاري رکندا، هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته نوان چونڊيل عهديدار صحافت جي شعبي جي بهتري ۽ ميڊيا صنعت ??ي ڀلائي ۽ بهتري لاءِ صحافتي برادري جي اميدن تي ??ورو لهندا.