اسلام آباد – پهرين ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سي پيڪ ??نصوبن تي ڪم مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جو عزم اظهار ڪندي چيو آهي ته ملڪي مفاد ۾ ڊگهي مدي واري منصوبن لاءِ پاليسين جو تسلسل لازمي عنصر آهي. اهڙن خيالن جو اظهار اربع تي چين پاڪستان اقتصادي لنگهه منصوبن تي اڳڀرائي بابت جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسد عمر، علي زيدي، حماد اظهر، وزيراعظم جو ناڻي بابت صلاحڪار شوڪت ترين، واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، سي پيڪ جي باري ۾ وزيراعطم جو خاص مددگار خالد منصو?? ۽ ??عليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. سي پيڪ بابت خاص مددگار خالد منصور اجلاس ۾ سي پيڪ بابت منصوبن تي اڳڀرائي جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران چيو ته سي پيڪ ??نصوبن تي ڪم مقرر مدي ۾ مڪمل ڪيو و??ي، پاڪستان ۽ چين جي دوستي آزمايل آهي، حڪومت سي پيڪ ??نصوبن کي عملي شڪل ڏيڻ ۽ ان تي عملدرآمد کي انتهائي ترجيح ڏيندي آهي، هن چيو ته ملڪي مفاد جي وڌ کان وڌ حاصل لاءِ ڊگهي مدي واري منصوبن لاءِ پاليسين جو تسلسل ضروري آهي، هن چيو ته حڪومت سي پيڪ ??عاهدن تي عملدرآمد لاءِ پرعزم آهي.