اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ناليواري اداڪار عمر شريف جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظها?? ڪندي چي?? آهي ته سڄي زندگي ماڻهن جي چهرن تي مسڪراهٽ جو تحفو سجائيندڙ عمر شريف لاڏاڻو ڪري ويو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چي?? ته قوم پنهنجي فنڪار کي بهترين خراج تحسين پيش ڪيو ۽ ثابت ڪيو ته اسان فن ۽ فنڪارن سان محبت ڪندڙ قوم آهيون. هن چي?? ته ع??ر شريف جو نالو پاڪستان جي فنون لطيفه ج?? انسڪائيڪلوپيڊيا ۾ سدائين سنهري لفظن سان لکيو ويندو.