اسلام آباد – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان لاڳاپيل کاتن کي هدايت ڪئي آهي ته سياحتي ماڳن تي ٽورسٽ ريزرٽ ۽ عالمي معيار جا هوٽل قائم ڪندڙن لاءِ حڪومت پاران سهولتن سميت ٽيڪسن ۾ ڇوٽ تي ٻڌل تجويزون پيش ڪيون وڃن ته جئين انهن کي جلد کان جلد حتمي شڪل ڏئي سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ سياحت بابت نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم عمران خان اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ ۾ سياحت جا بي شمار پوٽينشل موجود آهي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ان پوٽينشل کي مڪمل طور تي استعمال آندو وڃي ۽ سياحتي ماڳن تي عالمي معيار جي سهولتن کي يقيني بڻايو وڃي، وزيراعظم جهلم ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ واقع ريسٽ هائوسز ۽ ٻين تاريخي ماڳن جو ذڪر ڪندي چيو ته انهن عمارتن جي بحالي لاءِ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ماڊل کي استعمال ۾ آندو وڃي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته سياحت جي حوالي سان التوا ۾ پيل معاملن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو وڃي، وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سياحت جي شعبي ۾ تمام گهڻا موقعا موجود آهن جنهن کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي، سياحتي ماڳن تي عالمي معيار جي سهولتن کي يقيني بنايو وڃي. اجلاس ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل ۽ لاڳاپيل وزارتن جي سيڪريٽرين شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ خيبرپختونخوا جي وڏي وزير محمود خان ۽ ٻين صوبائي عملدار به وڊيو لنڪ ج?? ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيو. اجلاس ۾ سڄي ملڪ جي سياحتي ماڳن جي فروغ لاءِ ??نيل قدمن جو جائزو ورتو وي??. اجلاس کي ٻڌايو وي?? ته پنجاب صوبي ۾ چار سياحتي ماڳن لاءِ سياحت جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي فروغ ۽ مينيجمينٽ لاءِ عالمي اداري جون خدمتون حاصل ڪيون وي??ن آهن، اهڙي طرح خيبرپختونخوا ۾ به چار انٽيگريٽد ٽورازم زونز جي ماسٽر پلان جو مسودو تيار ڪيو وي?? آهي جنهن کي حتمي شڪل ڏني پئي وڃي، اجلاس کي ٻڌايو وي?? ته پنجاب صوبي ۾ سياحت جي حوالي سان ذيلي قانون ۽ ريگوليشنز کي حتمي شڪل ڏئي وئي آهي ۽ جلد ان جو لاڳو عمل ۾ آندو وي??دو جڏهن ته خيبرپختونخوا ۾ ان جو لاڳو عمل ۾ آندو پيو وڃي. وزيراعظم کي اٽڪ ۽ بالا حصار قلعي کي سياحتي مرڪز بڻائڻ جي حوالي سان اڳڀرائي تي به ب??يفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو وي?? ته سياحتي ماڳن تي ايئر سفاري سروس جاري ڪرڻ لاءِ سول ايوي ايشن پاران پنهنجي قاعدن ۾ ترميم ڪئي وئي آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ نجي شعبي جي لاءِ بي شمار موقعا پيدا ٿي چڪا آهن. اجلاس کي مختلف سياحتي ماڳن لاءِ ??يسٽينيشن مينيجمينٽ پلان جي تياري جي حوالي سان هن وقت جي اڳڀرائي تي به ب??يفنگ ڏني وئي، اجلاس کي ٻڌايو وي?? ته سياحت جي فروغ لاءِ ??ئني صوبن ۾ سينٽر لائزڊ ٽورازم ويب سائيٽ مڪمل طور تي فعال آهي، گورنمينٽ ريسٽ هائوسز ۽ گورنر هائوسز کي عوام جي لاءِ دستياب ڪرڻ جي حوالي سان اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني وئي.