اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي نئين نسل کي منشيات جي لعنت کان محفوظ رکڻ لاءِ اعليٰ تعليم?? ادارن کي منشيات ۽ تم??ڪ کان پاڪ رکڻ جي ??رو??ت تي زو?? ڏيندي چيو آهي ته معذور ماڻهن کي يونيورسٽين ۾ مفت تعليم ڏني وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن منشيات جي خاتمي ۽ خصوصي ماڻهن جي ڀلائي لاءِ وائيس چانسلرز ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته منشيات ۽ تم??ڪ جي غلط استعمال جي پاليسي کي صدر جي هدايتن جي روشني ۾ حتمي شڪل ڏني وڃي، ايڇ اي سي 28 جولاءِ 2021ع تي پاليسي جي منظوري ڏني، منشيات جي خاتمي واري وزارت منشيات جي استعمال کي روڪڻ، علاج جي حوالي سان معلومات فراهم ڪرڻ لاءِ موبائيل ايپ زندگي تيار ڪئي آهي، خصوصي شاگردن کي تعليمي، ٽيڪنيڪ?? ادارن ۽ يونيورسٽين ۾ داخل?? وٺڻ لاءِ 10 سالن تائين جي عمر ۾ نرمي فراهم ڪئي ويندي، بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته خصوصي شاگردن کي اعليٰ تعليم لاءِ ٽيوشن فيس، هاسٽل فيس ۽ يوٽيلٽي بل تي ڇوٽ ڏني ويندي، صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ملڪ جي اعليٰ تعليم?? ادارن کي منشيات ۽ تم??ڪ جي استعمال کان پاڪ بڻائڻ جي ??رو??ت آهي، يونيورسٽين جي انتظاميه ۽ لاڳاپيل ادارا منشيات کي روڪڻ تي ڌيان ڏين ته جيئن نوجوانن کي تعليم لاءِ روزگار فراهم ڪري سگهجي، تعليم?? ادارا قوم جي تقدير جي جوڙجڪ ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪندا آهن، هن چيو ته شاگردن کي منشيات کان پاڪ ماحول فراهم ڪرڻ اڻٽر آهي، هن چيو ته منشيات جي خاتمي ۽ تم??ڪ پاليسي ۽ خصوصي شاگردن جي ڀلائي وارين پاليسين کي جلد کان جلد لاڳو ڪرڻ جي ??رو??ت آهي، هن منشيات کي روڪڻ بابت وئيس چانسلرز ڪميٽي ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين پاران جوڙيل پاليسين کي به ساراهيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته ان سان تعليم?? ادارن ۾ منشيات کي روڪڻ ۾ مدد ملندي.