اسلام آباد – 14 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته ٽارگيٽيڊ سبسڊي جي نئين نظام کي جلد حتمي شڪل ڏني وڃي، ان جي ڪري ڪ??زور طبقن کي بنيادي ضروري شين جي خريداري ۾ مالي مدد فراهم ڪئي ويندي، حڪومت ان حوالي سان سمورا مالي وسيلا فراهم ڪندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بي??ن موجب وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ معاشري جي ڪ??زور طبقن کي حڪومت پاران سبسڊي فراهم ڪرڻ جي حوالي س??ن متعارف ڪرايل نئين نظام تي بريفنگ ڏني وئي.